ملڪ ۾ 76 سالن کان مارشل لا لڳل آهي: جاويد هاشمي

اسلام آباد (م ڊ)ملڪ جي سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 76 سالن کان مارشل لا آهي،  ان جون شڪليون بدلبيون آهن پر هڪ ڏينهن لاءِ به  مارشل لا نه هٽيو آهي.  اسٽيبلشمينٽ ئي هميشه حڪمراني ڪئي آهي. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته هنن پارليامينٽ جو ويساهه رکي گرفتاريون ڪيون آهن،  هنن مونکي پارليامنٽ لاجز ۾ منهنجي بيڊ روم جا شيشا ٽوڙي گرفتار ڪيو هو هن چيو ته  جڏهن پارليامنٽ جو تقدس به رهي، سپريم ڪورٽ ۽ اسپيڪر جا حڪم  نه مڃيا وڃن ته پوءِ اهو دهشتگردي جو بدترين مثال آهي. جاويد هاشمي چيو ته اسپيڪر نگران هوندو آهي، جيڪڏهن سندس گهران ماڻهن کي پڪڙي سگهجي ٿو ته ٻئي ڀيري پارليامنٽ هلندي  وزيراعظم کي کنڀي کڻي ويندا. هن چيو ته اسپيڪر ڪميٽي ۾ عمران خان ۽ نواز شريف کي ويهاري فيصلا ڪيا وڃن ته جيڪو به پارليامينٽ جي مخالفت ۾ ايندو ان خلاف گڏجي وڙهنداسين، ميان نواز شريف ڪڏهن به نه ويهندو، ڇاڪاڻ ته کيس حصي کان وڌيڪ مليل آهي. جاويد هاشمي چيو ته اڄ عمران خان اعتراف ڪري ٿو ته منهنجو موقف صحيح هو. جنرل فيض ذريعي عمران خان جو ئي احتساب ٿيندو، ٻيو ڪنهن جو به نه ٿي سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.