اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل تبديلين جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو ويو آهي. سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو. سندس چوڻ آهي ته تجويز ڪيل ترميمن سبب سنڌ ۾ بي چيني پيدا ڪئي وئي آهي. آبي وسيلن واري وزير ارسا ايڪٽ 1992 ۾ تجويز ڪيل تبديلين بابت وضاحت ڏئي. سينيٽر ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو آهي ته اهڙيون تبديليون معاهدي جي روح کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، تجويز ڪيل تبديليون گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي به خلاف آهن، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر انهن تجويز ڪيل ترميمن جي مخالفت ڪئي آهي.سندس چوڻ آهي ته سنڌ بين الصوبائي پاڻي جي ورڇ ۾ نقصان برداشت ڪري رهي آهي، صوبي کي سنڌو درياهه جي مٿاهين هنڌن تي منصوبن تي به تحفظات آهن. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي معاملي تي سنڌ ۾ سخت تحفظات آهن. شيري رحمان جو چوڻ آهي ته عوامي ۽ قومي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان معاملي تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي سينيٽر ڄام سيف الله خان، سينيٽر پونجو ڀيل ۽ سينيٽر سرمد علي به دستخط ڪيا.