ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٺهراءُ منظور، وفاق پاڪستان ٽوڙڻ وارو ڪم نه ڪري: سنڌ اسيمبلي

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ اسيمبلي وفاقي حڪومت طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ واري فيصلي کي اتفاق راءِ سان رد ڪندي 91 پاڻيءَ معاهدي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر  اويس قادر شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف قرارداد پيش ڪئي، پيش ڪيل ٺھراءُ تي پيپلز پارٽي، متحدھ قومي موومينٽ، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل سمورن اسيمبلي ميمبرن ارسا ايڪٽ ۾ هر قسم جي امڪاني ترميم جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ اسيمبلي ۾ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي رد ڪندي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ پاڻي جي 1991ع ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ خلاف پيش ڪيل قرارداد کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. پاس ڪيل قرارداد ۾وفاق کان مطالبو ڪيو ويو ته ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ڪا به ترميم نه ڪئي وڃي ۽ پاڻي جي 1991ع معاهدي تي جيئن جو تيئن رھڻ ڏنو وڃي. نثار کهڙو پاران پيش ڪيل ٺهراءُ تي ايوان ۾سمورن ميمبرن بحث ڪيو، جنهن بعد ميمبر پنهنجين سيٽن تان اٿي بيهي قرارداد کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. نثار کهڙو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو اثر پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي پوندو، پاڻي صوبائي موضوع آهي، ان لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ سنڌ جي رضامندي کان سواءِ ترميم نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته ارسا چيئرمين ڪو به حاضر سروس يا رٽائرڊ بيورو ڪريٽ بڻجي نه ٿو سگهي پر واري جي بنياد تحت سمورن صوبن مان ارسا ميمبرن مان ڪوبه ميمبر ارسا چيئرمين بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ جو مطالبو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ڪا به ترميم نه ڪئي وڃي. نثار کھڙو چيو ته ارسا جو ڪم پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪرائي صوبن وچ ۾پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي، جڏھن تھ وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو انتھائي قدم کڻندي پاڪستان جي فيڊريشن کي ٽوڙڻ وارو ڪم نه ڪري. هن چيو ته پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه پيو ملي ۽ سنڌ جون زمينون غيرآباد بڻجي ويون آهن ۽ ڪيترن علائقن ۾ ته روٽيشن جي بنياد تي پاڻي ڏنو پيو وڃي جڏهن ته پاڻيءَ تي سڀ کان پهريون حق پڇڙي واري صوبي ”سنڌ“ جو هوندو آهي، جڏھن تھ اھا حقيقت بھ آھي تھ سنڌ صوبو پڇڙي وارو صوبو آهي پر پاڻيءَ جي ورهاست ۾ سنڌ سان اکٻوٽ واري راند کيڏي پئي وڃي. هن چيو ته ارسا طرفان پاڻيءَ جي ورهاست پيرا 2 تحت نه ڪئي پئي وڃي ۽ ارسا پاڻيءَ جي ورهاست ڪڏهن تاريخي فارمولي تي تھ وري ڪڏهن ٽي رخي فارمولي  تحت ڪئي پئي وڃي، جنهن تي بھ سنڌ صوبي کي اعتراض آهي، ان لاءِ سنڌ صوبي جو مطالبو آهي ته پاڻيءَ جي ورهاست پيرا 2 تحت ڪئي وڃي. هن چيو ته ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڪثر اِهو الزام لڳايو ويندو هو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي پر حقيقت ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي جيڪو ڪڏهن به سنڌ لاءِ نه ڇڏيو ويو آهي، جنهن ڪري ٺٽي ۽ بدين سميت سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو قبول ناهي ان لاءِ ارسا پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪري پاڻيءَ جي شفاف ورهاست يقيني بڻائي ۽ وفاقي حڪومت ارسا جي ايڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم نه ڪري.ٺهراءَ تي بحث دوران ايم پي اي هير سوهو چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ استعيفيٰ ڏيڻي پئي ته استعيفيٰ به ڏينداسين، اسان رستن تي آياسين ته پوءِ ڪنهن جو به اقتدار نه بچي سگهندو، جيڪي ماڻهو چون ٿا ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع پيو ٿئي اهي لاڙ ۾ اچي تباهي ڏسن. پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله چيو ته اسان ان لاءِ پاڪستان نه ٺاهيو هو ته اسان جي ايندڙ نسلن کان پاڻي کسيو وڃي، اسان پاڪستان لاءِ ڇا ڇا ناھي ڪيو، گئس ۽ ٻيا وسيلا ڏيون پيا، اسان ٿر جو سينو چيري  پنھنجو ڪوئلو رياست کي ڏئي رهيا آهيون، ٿر جي ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ بجلي اسان کي نھ پر فيصل آباد کي ڏني وڃي ٿي، اسان سان هي سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي؟ پارلياماني مامرن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پاڻي سنڌ جي لائيف لائين آهي، پاڻيءَ کان وڌيڪ ڪو به اهم مسئلو ناھي. صوبائي آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ارسا ايڪٽ صوبن جي خدشن جي عڪاسي ڪري ٿو، ارسا جو قيام صوبن حوالي ڪيو ويو، هن خبردار ڪيو ته ارسا معاهدي ۾ هڪ به ڪاما يا فل اسٽاپ به تبديل ٿيو تھ انھيءَ معاهدي کي ختم ڪيو ويندو.آبپاشي واري وزير چيو ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ڪراچي جي پاڻي جي ڳالهه ڪئي وئي آھي،  ڪنهن کي خبر آهي ته ڪراچي جو پاڻي ڪٿان اچي ٿو؟ 2012ع کان وٺي پاڻي معاهدي جي ڪري ڪوٽڙي بئراج ۾ 61 سيڪڙو پاڻي گهٽجي ويو آهي، جيڪڏهن معاهدي ۾ پاڻي جو ذڪر نه هجي ها ته ڪراچي کي پاڻي ڏيون ها، ڇاڪاڻ ته ڪراچي اسان جي دل آهي. هن چيو ته ڪراچي ڪيس به سي سي آءِ ۾ التوا ۾ آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي ڪي- 4 معاهدي تي صحيحون ڪيون آھن، اسان ايف ڊبليو او کي چيو ته پئسن جي باري ۾ پريشان نه ٿيو، اسان ڏينداسين. آبپاشي کاتي جي وزير چيو ته ڪراچي لاءِ ڪينجهر ڍنڍ ۾ 145 ڏينهن جو پاڻي موجود آهي، ٺٽي ۽ سجاول جي حصي مان پاڻي جي ڪٽوتي ڪري ڪراچي کي ڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته توهان جا ۽ اسان جا ٻار ڪراچي ۾ رهن ٿا، هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ جيڪڏهن هڪ لفظ کي به تبديل ڪيو ويو ته ان جا منفي اثر پوندا،  اسان اھڙي عمل ۾ امڪاني طور تي ترميم جي ھرگز اجازت نه ڏينداسين.تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته اسان 1991ع وارو معاهدو به مجبوري ۾ قبول ڪيو هو، پاڪستان چئن صوبن جي مرضي کانسواءِ نٿو هلي سگهي، نثار کهڙي جي قرارداد پاڪستان نه پر پاڻي بچائڻ جي قرارداد آهي، اسان وفاق جي طاقت جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان پاڪستان جي ترقي جا مخالف ناهيون، پاڪستان کي بچائڻ لاءِ سنڌ کان سواءِ ٻي ڪا به پناهه گاهه ناهي، اسان چاهيون ٿا ته آئين تي عمل ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم وفاق ۾ وزارتن سان گڏ بيٺي آهي، انهن کي به ان تي آواز اٿارڻ گهرجي، اسان کي پاڪستان کي بچائڻو آهي.ايم ڪيو ايم جي نجم مرزا چيو ته 1991ع جو معاهدو صوبن وچ ۾ ٿيو هو، ان معاهدي ۾ ڪجهه صوبن جون به ذميواريون آهن.پ پ جي امداد پتافي چيو ته نثار کهڙي جي قرارداد ۾ سنڌ جي عوام جو آواز شامل آهي، نثار کهڙو ٿل ڪئنال خلاف هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي، جڏھن تھ آصف زرداري پاڪستان بچايو جو نعرو هڻي پاڪستان کي بچايو. پي ٽي آءِ جي شبير قريشي چيو ته 1991ع واري معاهدي کان وٺي گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين پوکي نه سگهي آهي. ڪراچي کي 1260 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي پر اهو نه پيو ملي، پيپلز پارٽي جي ماروي راشدي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي آهي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به چار ڪميشنون ٺهيون، سنڌ به مون سون جي ٻوڏ کي برداشت ڪرڻو پيو آھي ۽ سنڌ به پاڻي جي کوٽ کي برداشت ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم ميمبر طحه احمد چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين آهي، اسان وٽ پاڻي جي چوري بند ٿيڻ گهرجي.هن دعويٰ ڪئي ته هر سال 53 هزار ٻار گندو پاڻي پيئڻ سبب فوت ٿين ٿا، سانگهڙ ۾ گندو پاڻي پيئڻ سبب 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جَر جو پاڻي پيئڻ جي لائق ناهي رھيو.ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني چيو ته سنڌ حڪومت کان سوال ڪيو ته اسان کي پندرهن سالن جو حساب ڏيو، پاڻي جي مسئلي لاءِ اوهان ڇا ڪيو آھي؟ سنڌ جي حقن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿارينداسين ۽ ڪنهن کي به پنهنجا حق کسڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ جي حمايتي ميمبر ريحان گوندرا چيو هي سنڌ جو اهم مسئلو آهي ان ڪري اسان به ان قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا.ريحان گجر جي تقرير دوران اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج چيو ته سنڌ ۽ ڪراچي الڳ نه آهن، سموري سنڌ هڪ آهي، اهي ماڻهو غلط فهمي دور ڪن. پيپلز پارٽي جي رياض شاهه شيرازي چيو تھ سمنڊ تيزيءَ سان زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي، جيڪڏهن ڳالهيون اهڙيون ٿينديون رهيون  پنجاهه سالن کان پوءِ ٺٽو به سمنڊ ھوندو. پيپلز پارٽي جي سعديه جاويد چيو ته بلاول ڀٽو اڃا به چوي ٿو ته پاڻي قومي مسئلو آهي، شهباز شريف کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته آئين جو احترام ڪيو، نه ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا، بلوچستان ۾ ماڻهو روڊن تي آهن، سنڌ جي عوام کي روڊن تي اچڻ تي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي؟ عمران خان به ارسا معاهدي ۾ ترميم جي ڪوشش ڪئي آهي.سعديه جاويد جي تقرير دوران پي ٽي آءِ جي حمايتي ميمبرن ايوان ۾ گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، ڪيترن ئي ميمبرن احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ايم ڪيو ايم جي عبدالباسط قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته اسان سڀ سنڌ جي حقن لاءِ گڏ آهيون، ايم ڪيو ايم جي جمال احمد چيو ته وفاق سنڌ کي پاڻي نه ٿو ڏئي، اسان اوهان سان گڏ آهيون، پر سٺ سالن کان وٺي حڪومت توھان وٽ آهي، ڪراچي لاءِ ڪجهه ڪريو.هن چيو ته ڪراچي کي جيڪو 5 سئو 40 ايم جي ڊي پاڻي ملي رهيو آهي اهو ڪافي ناهي، گندي پاڻي سبب شهر ۾ صحت جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.پيپلز پارٽي جي اسماعيل راهو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان پاڻي جو معاهدو ئي ختم ٿي ويندو.جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو تھ ارسا ريگيوليٽري اٿارٽي آهي، ان جي ذميواري آهي ته پاڻي پوڇڙي وارن تائين پهچڻ گھرجي، جڏهن ڊيم ٺھندا آھن تھ پاڻي جي دستيابي متاثر ٿيندي آھي، وفاق ارسا ۾ ترميم کان پاسو ڪري. جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڄ منجھند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.