اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس ڪوٺايو ويو، جنهن جي سربراهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه پرڏيهه ۾ هئڻ سبب ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي، جڏهن ته شريعت اپيلٽ بينچ جي ميمبر جسٽس قبلا اياز ۽ جسٽس خالد مسعود به شرڪت ڪئي. ريفرنس دوران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مُدي ۾ واڌ وارين خبرن جي ترديد ڪندي واڌ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس چيو ته قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ هڪ ملاقات دوران چيو ته سمورن چيف ججن جي مدي ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون، ان تي مون چيو ته باقي سڀني جي ڪيو پر مان ايڪسٽينشن قبول نه ڪندس، ان ملاقات ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ اٽارني جنرل به موجود هئا، هڪ صحافي سوال ڪيو ته راڻا ثناءُ الله چوي ٿو ته سمورن ججز جي عمر واري حد وڌائي وڃي ته پوءِ توهان به ايڪسٽينشن وٺڻ تي متفق آهيو؟ چيف جسٽس چيو ته راڻا ثناءُ الله صاحب کي منهنجي سامهون آڻيو، راڻا ثناءُ الله ته ان ملاقات ۾ به موجود نه هو، منهنجي راڻا ثناءُ الله سان ته ڪا ملاقات به نه ٿي آهي، ان بابت راڻا ثناءُ الله کان پڇو. هن چيو ته مون کي ته اها به خبر ناهي ته سڀاڻي زنده هوندس يا نه، صحافي سوال ڪيو ته 6 ججز جي خط وارو معاملو ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڇو نه پيو ٿئي؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته خط جي ٻڌڻي ججز ڪميٽي کي مقرر ڪرڻي آهي، جسٽس مسرت هلالي طبيعت خراب هئڻ سبب نه پئي اچي ته ان ڪري بينچ نه پئي ٺهي. ان کان اڳ فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف جسٽس بڻجڻ بعد پهريون ڪم فل ڪورٽ گهرائڻ جو ئي ڪيو هو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته عوامي مفاد جا ڪيس سڌي ريت نشر ٿيندا. هن چيو آهي ته هر جج جو ڪو نه ڪو رجحان هوندو آهي. پهريان بينچ ڏسي ٻڌايو ويندو هو ته ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو، هاڻي مون به خبر ناهي ته منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪهڙو جج ڪيس ٻڌندو، آئون ڪيس مان بدنيتي جو عنصر ڪڍي ڇڏيندو آهيان،