اسلام آباد(عمران شفقت+فخر دراني)حڪومت پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آئيني ترميم لاءِ ان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي،قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحاد کي 224 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، سينيٽ ۾ به انگ پورو ڪيو ويو آهي، مولانا فضل الرحمان به تقريبن مڃي چڪو آهي، ذريعن موجب حڪومت اڄ ۽ سڀاڻي کي اهم قرار ڏنو آهي، اهم قانون سازي ٿيڻ واري آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف متحرڪ ٿي ويا، وزيراعظم پاران اتحادي جماعتن جي پارليامينٽ ميمبرن کي رات جي ڊنر تي گهرايو ويو، جي يو آءِ کي شرڪت جي خاص دعوت ڏني وئي جڏهن ته صدر زرداري جي دعوت تي پ پ جا قومي اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽرز ايوان صدر ۾ گڏ ٿيا،ذريعن موجب قانون سازي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا الڳ الڳ اجلاس طلب ڪيا ويندا،ميمبرن کي سختي سان چيو ويو آهي ته هلندڙ هفتي دوران ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد کان ٻاهر ناهي وڃڻو،جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته مون کي خبر ناهي ته فضل الرحمان آئيني ترميم جي حمايت ڪندو يا نه؟ هڪ وڪيل طور تي مان ان پئڪيج جي مڪمل حمايت نه ڪندس،ان ۾ سٺيون شيون به ٿي سگهن ٿيون، حڪومت ڪا خراب ڳالهه شامل ڪئي ته ان جي حمايت نه ڪندس،ججن جي رٽائرمينٽ واري عمر وڌائڻ واري ڳالهه جي حمايت نه ڪندس،هن چيو ته آئيني ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هوندي ته جي يو آءِ حمايتڪندي،جڏهن ته ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته آئيني ترميم جي حوالي سان مون وٽ ڪا ايجنڊا ناهي آئي، وزيراعظم جي گهرايل ڊنر ۾ اها ڳالهه واضح ٿي ويندي،ذريعن موجب آئيني ترميم منظور ٿي وئي ته چيف جسٽس جو مدو 3 سال ٿي ويندو، ترميم کانپوءِ ايندڙ چيف جسٽس آرمي چيف جي طرز تي مقرر ڪيو ويندو،سپريم ڪورٽ جا چار پنج سينئر جج تجويز ڪيا ويندا جن مان ڪو هڪ نالو چونڊي وزيراعظم صدر کي منظوري لاءِ موڪليندو،ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه جي ايندڙ چيف جسٽس بڻجڻ وارو امڪان ختم ٿي چڪو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 10 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو