شادي جو مفهوم ٻن متضاد/مخالف جنسن جو ميلاپ آھي،اھڙو جوڙو جيڪو ٻه الڳ الڳ فڪر ۽ سوچن جو مالڪ ھوندي به ھڪ ئي ڇت ھيٺ سڄي حياتي گذارڻ جو عھد ڪري ٿو،شادي بابت ھر شخص پنھنجي تجربي مطابق پنھنجي الڳ الڳ راءِ رکي ٿو،بحرحال ڪامياب شادي اھا ئي آھي جنھن ۾ مرد ۽ عورت ھڪ ٻئي جي خوبين ۽ خامين مان واقف ھوندي به زندگي جي سفر کي خوشگوار بڻائي جاري رکن.
شادي ھڪ خوبصورت رشتو آھي جنھن جي دامن ۾ ھڪ عظيم مقصد يعني ھڪ ٻئي جو سڪون ۽ خوشي لڪيل ھوندو آھي ،پر بعض ماڻھن لاءِ شادي ھڪ ڏکوئيندڙ ۽ اذيتناڪ رشتو بڻجي ويندو آھي.
اسان مان گھڻن جو خيال آھي شادي جيتري پراڻي ٿيندي ويندي آھي ته وقت سان گڏوگڏ ان جي خوبصورتي به مڌم ٿي ويندي آھي. اڪثر عورتن کي شڪايت ھوندي آھي ته مڙس کيس اھا توجھه نه ٿو ڏي،سڄو وقت گھر کان ٻاھر رھڻ پسند.ٿو ڪري يا اھا دلچسپي ناھي رھي، تعريف به نه ٿو ڪري ھر وقت طنز ڪندو رھي ٿو.ساڳئي وقت مرد به عورت جي خوبصورتي جي زوال جوڏوراپو ڏيندو نظر ايندو آھي،ٿورو غور ڪجي ڀلا اخر ايئن ڇو ٿيندو آھي.
ڏٺو وڃي ته شادي جي ابتدائي ڏينھن ۾ مرد خاص ڪري عورتون ڪجهھ ڏينھن ته معمول موجب پاڻ کي ٺاھي رکنديون آھن جيئن ئي زندگي معمول طرف اچڻ لڳندي آھي ته جيڪو ٽائيم پنھنجو پاڻ کي سنوارڻ لاءِ وقف ڪنديون آھن سو وقت شادي کانپوءِ پاڻ کي ناھن ڏئي سگنھديون،گھر جون ذميواريون،ٻارن جي سارسنڀال گھرداري،رشتن جو تقدس سنڀاليندي پنھنجو پاڻ ارپي ڇڏينديون آھن.عورت جڏھن پاڻ کي ٺاھڻ ۾ لاپرواهي ڪرڻ شروع ڪندي آھي ته سندس خوبصورتي ۽ ڪشش آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳندي آھي، انھيءَ وقت مرد کي ٻين جون زالون وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ شروع ٿي وينديون آھن ظاھر آھي پنھنجي مڙس کي ٻين عورتن جي طرف راغب ٿيندو ڏسي عورت حسد،وھم ۽ وسوسن جو شڪار ٿي شڪي مزاج ٿي ويندي آھي ،عدم تحفظ جي خوف سبب جعلي عاملن معرفت تعويذ ڌاڳا يا پاڻي پڙهائي مڙس کي قابو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويندي آھي ،سچ پچ اھڙين ئي عورتن جعلي ڀوپن جي ڪمائي ۾ برڪت آندي آھي، پوءِ محبوب قدمن ۾ اچي نه اچي ڀوپي جي دڪانداري ھلندي رھي ٿي.
حالانڪه پاڻ کي توجهه ڏيئي پرڪشش رکڻ ۽ پنھنجي خامين تي غور و فڪر ڪرڻ سان عورت نه فقط حسد ساڙ کان بچي سگھي ٿي پر ڀوپن جي دڪانداري پڻ بند ڪرائي سگھي ٿي.
اھا حالت فقط عورتن سان مرد به سست الوجود آھن، مرد کي به پنھنجو پاڻ تي توجهھ ڏيڻ گھرجي ،باقاعدہ ورزش،متوازن غذا، چھل قدمي ۽ مناسب آرام ڪري پنھنجو پاڻ کي فٽ رکي. ان وقت مرد به لاپرواهي جو مظاهرو ڪندا آھن جڏھن عورت پاڻ کي ٺاھي به رکندي ھجي ۽ مڙس ٻه جملا تعريف يا توجهھ جا نه ڏيئي سگھي نظرانداز ڪندو رھي ته به عورت جي خوداعتمادي ختم ٿيڻ لڳندي آھي ۽ ائين عورت پاڻ تي توجهه ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ شروع ڪندي آھي،انسان فطري طور تي حسن پرست آھي جيڪڏھن عورت چاھي ٿي ته ھو پنھنجي مرد جي دل تي حڪومت ڪري ته پاڻ کي سنواريندي رھي ڀلي ان وقت مڙس ان جي تعريف ڪري نه ڪري وري به ھو پنھنجو پاڻ کي فريش ۽ توانا رکي مرد پاڻھي اوھان ڏانهن متوجهه ٿيڻ شروع ڪري ڏيندو.ان وقت مرد کي گھرجي ته ھو پنھنجي ڪم ڪار ۽ گھر جي ماحول۾ توازن برقرار رکي ايئن نه ٿئي جو اوھان وٽ زال ۽ ٻارن لاءِ وقت ئي نه ھجي ۽ فقط دفتر يا ڪاروباري معاملات سنڀالڻ ۾ اوھان سمورو وقت مصروف رھو ٿا ،جھڙي طرح مرد چاھي ٿو ته عورت ان جي دلجوئي ڪري خدمت ڪري ۽ مطمئن به رکي، اھڙي طرح عورت به خواهش آھي ته کيس توجهه ڏني وڃي ۽ ٻه لفظ تعريف جا موصول ٿين ۽ ان جي ھر جائز ضرورت جو خيال رکيو وڃي،ياد رھي ته اوھان جي عدم توجهه ۽ مصروفيت اوھان جي ھمسفر کي ذھني طور تي مايوس ۽ افسرده رکي ٿي،ڪوشش ڪيو ته روزانو ڪجهھ وقت ڪڍي ڏينھن ۾ ھڪ دفعو زال کان فون تي حال احوال ضرور وٺو،قابل رشڪ ازدواجي زندگي ۽ بھترين تعلقات لاءِ پرخلوص محبت جو اظھار ضروري آھي،ايئن ڪرڻ سان ازدواجي زندگي جي ڏور ويتر مضبوط ٿيندي آھي ،گھر جو ماحول پڻ خوشگوار رهندو آھي،اوھان جي محبت جا ٻه لفظ عورت لاءِ جيئندان مثل ھوندا جن کي سوچي عورت سڄو ڏينھن پئي خوش ٿيندي آھي.
ھڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ گهريلو ناچاقي رشتن جي تقدس پائمال ٿيڻ سبب طلاق جي شرح ۾ روز به روز خوفناڪ حد تائين اضافو ٿي رھيو آھي جنھن ۾ اسي سيڪڙو اھڙيون شاديون آھن جيڪي شايد سماج ۾ بدنامي جي خوف يا اولاد جي مستقبل تباھ ٿيڻ جي خوف سبب مجبوري ۾ ازدواجي رشتا نڀائي رھيا آھن،پريمي جوڙا پيار جو پرڻو ڪري مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ جي اپيل پيا ڪندا آھن شادي کانپوءِ جڏھن زندگي جي اصل حقيقتن سان واسطو پوندو آھي ته تعلق نڀائڻ مشڪل ٿي ويندو آھي،انسان فطري طور تي آزاد رھڻ پسند ڪندو آھي چاھي مرد ھجي يا عورت اسين اڪثر مخالف جنس کي نجي ملڪيت سمجھي تلخ ورتاءُ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آھيو ،جنھن جو نتيجو ھڪ ٻئي کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ سان مقابلو شروع ٿيندو آھي جيڪو ختم طلاق يا خلع تي ٿيندو آھي.شايد اسان جي سماج ۾ اھو شعور ئي ناھي رھيو ته ڪيئن ھم آھنگ ٿي ازدواجي لاڳاپن ۾ بهتري آڻي سگھجي ٿي.
شادي جو هدف فقط طبعي تعلق يا جنسي تسڪين ناهي،انسان چاھي ٿو ته جذباتي لحاظ کان به کيس سھارو ملي،ذھني سڪون به ملي،مرد جي خواھش ته جڏھن ھو زندگي جي ڀڄ ڊوڙ ۾ ذھني ۽ جسماني بيزاريت کڻي اچي گھر ڀيڙو ٿئي ته کيس اھڙو سڪون ۽ سرور ملي جو کيس راحت ملي وڃي ،اھڙي طرح عورت به چاھي ٿي ته مرد جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿئي ته مسڪرائيندي سمورا دنياوي مسئلا ٻاھر ڇڏي اچي قرب جو اھڙو لمحو ميسر ٿئي جو اصل سارا ٿڪ ئي لھي پون،ان لاءِ ٻنھي کي سمجھڻ جي ضرورت آھي ته ازدواجي تعلقات جو بنيادي ايڪو محبت آھي محبت به غير مشروط…. جنھن ۾ حاڪميت جو عنصر نمايان نه ھجي مثال بطور مڙس جيڪڏهن نوڪري يافته آھيو ۽ زال جيڪڏهن گهريلو عورت آھي ته اوھين پنھنجي مضبوط پوزيشن تي بيھي عورت جي ڪمزور پوزيشن کي زير بحث نه آڻيو.
سڀ کان اھم ڳالھه جو خيال رھي ته پنھنجي ٻارن جي اڳيان ڪنھن به قسم جي ناخوشگوار بحث مباحثي ڪرڻ کان پاسو ڪيو،اڪثر والدين ٻارن آڏو ھڪ ٻئي جي برائي پيا ڪندا آھن جنھن سان ٻار نه فقط والدين جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن بلڪ مختلف نفسياتي بيمارين جو به شڪار ٿي سگھن ٿا.
ازدواجي جھڳڙا ٻارن جي دماغي نشونما کي متاثر ڪن ٿا ، جنھن جا منفي اثرات ابتدائي ڏينھن کان وٺي وڏي عرصي تائين رھن ٿا،اھو سڀ والدين جي ھڪ ٻئي سان محبت ۽ توجهه سان ئي ممڪن آھي،والدين جي محبت ۾ گهيريل ٻار گھٽ بيمار رھندو آھي، خوشگوار ماحول ۾ پليل ٻار ۾ ضد جو عنصر به گھٽجي وڃي ٿو،اھو ٻار تمام گهٽ ذھني نفسياتي بيمارين کي منھن ڏيندو آھي انھيءَ سان گڏوگڏ تعليمي ميدان ۾ به بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندو آھي.
شادي ھڪ خوبصورت ٻنڌڻ آھي،ان کي تحفظ ڏيڻ ۽ وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ لاءِ ضروري آھي ته شادي شده ھڪ ٻئي سان خوش اخلاقي ۽ خوش مزاجي سان پيش اچي زندگي جي تلخين جو علاج باھمي تعاون سان تلاش ڪن،ايئن ڪرڻ سان نه فقط اوھان پرسڪون مطمئن ۽ خوش رھندا بلڪ ازدواجي زندگي جا باقي ڏينھڙا به شادي جي ابتدائي ڏينھن جيان حسين مطمئن ء پرڪشش گذرندا (آزمائي ڏسجو.
خوشگوار ماحول جو قيام احترام،برداشت ۽ قرباني کان سواءِ تصور ئي نٿو ڪري سگھجي،لو ميريج ھجي يا ارينجڊ ڪامياب شادي لاءِ زال مڙس جو ھم آھنگ ھئڻ انتھائي ضروري آھي ،جڪڏهن زال مڙس مٿي ڏنل ڳالھين تي عمل ڪن ته نه صرف پاڻ ۾ محبت وڌنڌي بلڪ حياتيءَ جا ايندڙ ڏينھڙا به خوشگوار گذرندا.