بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ عورتن جي ٿيندڙ تذليل،آخر ڪيستائين؟

تحرير: ارباب رستماڻي

دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن جي روزگار لاءِ فيڪٽريون، ڪارخانا قائم ڪيا ويندا آهن، مختلف هنرن جي سکيا لاءِ سينٽر لڳايا ويندا آهن ته جيئن عورتون هنر سکي سگهن ۽ فيڪٽرين ، ڪارخانن ۾ پنهنجي هنر سان گهر جو ڪاروهنوار هلائي سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه جهلين،پر اسان جي ملڪ ۾ فيڪٽريون، ڪارخانا، سکيا گهر قائم ڪرڻ بدران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي عورتن کي چند هزارن جي عيوض تذليل ڪرائڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي.

آئون گهڻو پري نٿو وڃان آئون ڳالهه ڪندس ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقي چمبڙ جي، جتي هر ٽئي مهيني بينظير انڪم سپورٽ پروگرام طرفان غريب عورتن کي وظيفو ڏيڻ لاءِ جانورن جي اسپتال ۾ سينٽر مقرر ڪيو ويندو آهي، جتي هزارن جي تعداد ۾ عورتون اچي گڏ ٿينديون آهن، پر انهي سينٽر تي ڪا به سهولت موجود ناهي، هر روز ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿي ڪري پونديون آهن، ڪيترن ئي عورتن جا معصوم ٻار بک وگهي دانهون ڪري ڪري ساڻا ٿي ويندا آهن، پر چمبڙ جي ڊوائيس هولڊرن ، بي آئي ايس پي آفيسرن ۽ انتظاميا کي ٽڪي برابر به رحم ناهي ايندو، ڇو جو ڊوائيس هولڊر انهن پئسن مان ڪٽوتي ڪري سڀني کي هر روز جي بنياد تي حصو پهچائيندا آهن،

اسان جي شهر چمبڙ جا انمول هيرا، سوشل ورڪر، سياسي ورڪر، ۽ صحافي حضرات، تعلقي انتظاميا، پوليس  به اتي موجود هوندي آهي پر انهن جي اکين اڳيان مسڪين عورتن جي لوئي کي لاٿو وڃي ٿو، انهن کي گاريون، ڌڪا ڏنا وڃن ٿا، پر پوءِ به  اهي ماٺ هوندا آهن، ڇا انهن جي نظر ڪمزور آهي؟ يا ڪجهه ٻيون مجبوريو آهن؟

اها ڳالهه چوندي مونکي افسوس ٿو ٿئي ته  اسان به ڪهيري جي باندر جيان فقير جي اڳيان نچڻ سکي ويا آهيون ۔ سنئين سڌي ڳالهه ته اها آهو جو  ان سموري عمل جي اصل وجهه ساون نوٽن جي چمڪ آهي،

مقامي نتظاميا ٿورو ڪنڌ مٿي ڪري به نٿي  ڏسي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، سنڌ جي نياڻين سان ڪھڙي ريت ظلم ٿي رهيو آهي،ڪهڙي ريت  پوتي ۽ چادر سرن تان ڪرن ٿا،

ڪھڙي نه اذيت سان بيهوش ٿي پنهنجي مدد لاءِ ريهون ۽ دانهون ڪن ٿيون، پر اي سي صاحب پنهنجي بنگلي ۽ آفيس ۾ آرام سان انتظار ڪري پيو ته شام ٿئي ۽ منهنجو حصو ملي. اھڙي ريت پوليس جا سپاهي بي آئي ايس پي سينٽر  جي گيٽ تي ڊوائيس هولڊرن جي حفاظت ۽ سپورٽ لاءِ بيھاريا ويا آهن ته  متان ڪو ڊوائيس هولڊرن طرفان ٿيندڙ ڪٽوتي، عورتن جي ٿيندڙ تذليل تي آواز اٿاري ته فورن ان کي پوليس جو ڊپ ڏيئي ماٺ ڪرايو وڃي،پنج پنج ڪلاڪ سينٽر کي بند ڪري، عورتن کي ذليل ڪري پوءِ ڊوائيس هولڊرن جا واٺا ايجنٽ  مسڪين عورتن کي دڙڪا ڏئي 25 سئو کان ٽي هزار تائين ڪٽوتي ڪن ٿا، پر انهن دانهيندڙ عورتن جون دانهون ايس ايس پي ٽنڊوالهيار تائين ته پھچن ٿيون پر ڪو تدارڪ نه ٿو ڪي ڪيو وڃِي اڃان به پوليس عورتن تي لٺيون واهائي ٿي.

ڇا ڊوائس سسٽم کي تبديل ڪري مختلف بئنڪن ۾  مستحڪم جا پيسا نٿا موڪلي سگهجن؟ ڇا انهن مستحق عورتن جا اڪائونٽ نٿا ٺاهي سگهجن؟

هي حڪومت سرمائيدارن جي غلام آهي، ۽ سرمائيدار ڪڏهن به نٿو چاهي ته ڪا قوم ترقي ڪري،  موجودا حڪومت سرمائيدارن جي پاليسي تي سجدو رکي پنهنجي قوم جي عزت تي سودي بازي ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ڪنهن به  پورهيت لاءِ ڪو به ڀلائي وارو قانون نه جوڙيندا.هر وقت صرف ڏيکاءُ خاطر ادبي ڳالھيو ڪندا رهندا آهن،  هڪ  تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جي اسان نه  هجون ته قوم تباهه ٿي وڃي، ۽ انهن ساڳين کي  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي سنڌي عورتن جي ڪيل تذليل ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي، آخر ۾ صرف ايترو لکندس ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪري ڊوائيس هولڊرن، سندس ايجنٽن هٿان ٿيندڙ تذليل هڪدم بند ڪئي وڃي ۔ ۽ هڪ صاف شفاف سسٽم تحت عورتن کي وظيفو ڏنو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.