ڪووڊ کان پوءِ پهريون ڀيرو يورپين سينٽرل بينڪ وياج جي شرح گهٽائي ڇڏي آهي. جولاءِ ۾ بينڪ آف انگلينڊ جي پاليسي جوڙيندڙن به وياج جي شرح گهٽائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ڪئناڊا، چلي ۽ ڊنمارڪ به ائين ڪرڻ وارا آهن. يو ايس فيڊرل ريزرو جي سربراهه جيروم پاول، سيپٽمبر ۾ريٽ ڪٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هرڪنھن کي يو ايس فيڊرل رزرو کان اڳ انٽريسٽ گھٽ ڪرڻ جي تڪڙ ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي.ان جو نتيجو اڪانومسٽ جي ھيڊ لائين سمجھائي ٿي.مهانگائي جي شرح گھٽ ٿي رھي آهي ۽ ڪساد بازاري (ٻاڙائي) ممڪن ناهي. ڇا درست ٿي رھيو آھي ؟
پڇن پيا تھ ڪجهھ سٺي ڪرڻ بنا ئي سٺو ٿي رھيو آھي،آخر ڪيئن ؟
ان رپورٽ جي تفصيل ۾ ذڪر آھي تھ امير ملڪن ۾ مهانگائي ئي نھ گهٽي آهي، وڌندڙ قيمتون بھ يا ته ھدف کان ھيٺ اچص ويون آهن يا ان جي ويجھو پھچي ويون آھن،گلوبل ڪارپوريٽ منافعو ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي. ڪاروبار ڏيوالپڻي ٿيڻ جي درخواستن ۾ گهٽتائي آئي آهي. اهو سڀ ڪجهه آمريڪي فيڊرل رزرو ڪٽ کان اڳ ٿي رهيو آهي.
چين وٽ باند سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش جي صورت ۾ٻه ٽريلين ڊالر (2000 ارب ڊالر ) آھن، آمريڪا ۾ جڏھن وياج جي شرح گهٽ ٿيندي ته چين ڪيترا ڊالر مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ٿو؟ ماهرن جو اندازو آهي ته 400 کان 1000 ارب ڊالر تائين ڪو به انگ ٿي سگهي ٿو. مارڪيٽون ۽ بئنڪون ان دٻاءَ ۾ آيل بھ نظر اچي رھيون آهن.
سيڪيورٽي ايڊوائيزر جيڪ ساليوان 3 ڏينهن جي دوري تي بيجنگ ويو هو. هن جي صدر شي سان پڻ ملاقات ٿي.اھو جو بائيڊن جي دور ۾ڪنھن سيڪيورٽي صلاحڪار جو بيجنگ جو پهريون دورو هو.
وائيٽ ھائوس مان، صدر شي ۽ ساليوان جي ملاقات بابت بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڪائونتر نارڪوٽڪس تعاون،ملٽري جي ملٽري سان مواصلاتي رابطي، مصنوعي انٽيليجنس جي خطرن ۽ سيڪيورٽي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يوڪرين جي جنگ، تائيوان چين معاملن ۽ ڏکڻ چين تي به ملاقات ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
صدر شي سان منسوب اهي جملا بھ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيا تھ: "اسان اميد ڪريون ٿا تھ آمريڪا چين جي ترقي کي منطقي ۽ مثبت انداز ۾ ڏسي، ھڪ ٻئي کي چيلينج ڪرڻ بدران گڏيل مقصد (ترقي) لاءِ گڏجي ڪم ڪري، اهو ئي صحيح رستو آهي.“
فنانشل ٽائمز جي سرخي آهي ته جيڪ ساليوان يقين ڏياريو آهي ته ڪملاهيرس ذميداري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مينيج ڪندي.
انهن بيانن ۽ رابطن کي ڏسندي لڳي ٿو ته آمريڪا ۽ چين انٽريسٽ جي شرح گهٽ ڪرڻ کانپوءِ متوقع صورتحال سبب رابطي ۾ آيا آھن. چين پاڻ وٽ موجود ڊالر وڪرو ڪرڻ لڳي ويو تھ ڪرنسي مارڪيٽن جو ڇا حال ٿيندو ؟ ان جو هڪ نتيجو ته چيني ڪرنسي يوآن جي مھانگي ٿيڻ جي صورت ۾ نڪرندو، ان جو اثر چين جي برآمدات تي پوندو.
بئنڪ آف جاپان 25 سالن جي وياج جي شرح کي ٻڙي جي ويجهو رکيو.اگسٽ ۾ مسلسل ستون ڀيرو، دي بئنڪ آف جاپان وياج جي شرح ۾ اضافو ڪيو.اھو انٽريسٽ ھاڻي ٻڙي پوائنٽ 25 سيڪڙو ٿي ويو آهي. ين جي قيمت وڌي رهي آهي. جاپان ڊگهي عرصي کان پنھنجي گھٽ وياج جي شرح جي سبب دنيا کي قرض فراھم ڪرڻ جو وڏو وڏو ذريعو رهيو آهي،جاپاني بھ ھاڻ چين جو امتحان وٺڻ لڳا آهن ته جيڪڏهن ڊالر وڪڻڻا آھن ته ين خريد ڪريو ۽ سگھارا ٿيو.
وياج جي شرح جڏھن گهٽ ٿيندي آهي، پئسو بانڊ کان اسٽاڪ مارڪيٽ ڏانهن منتقل ٿيندو آھي. وياج جي شرح گھٽبي آھي ڪاروبار ۽ صارفين ٻنهي لاءِ سستو قرض پھچ ۾ ھوندو آھي. ان سان سيڙپڪاري بھ وڌندي آھي۽ ماڻهوخرچ بھ کليل نموني ڪندا آھن،جنھن سان وڪرو وڌي ويندو آهي.
سيڙپڪار ان کي مثبت خبر طور وٺن ٿا. معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ جو تاثر جڙي ٿو، اهو سڀ ڪجهه ھجڻ لازم بھ نھ آھي، توقع کان گهٽ بهتري يا جوش پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وياج جي شرح گهٽ ھوندي، ڪاروبار ۽ صنعت کي پئسو دستياب هوندو. ائين ٿيندو آهي، ته پوءِ توانائي جي طلب وڌندي آھي. تيل ۽ گئس جي قيمتن ۽ طلب ۾ اضافو بھ ٿي سگهي ٿو.
اسان پاڪستاني وڌيڪ اهم ۽ عالمگير مسئلن تي غور ڪري رهيا آهيون. تنهن ڪري، دنيا ۾ متوقع ان تبديلي ڏانهن اسان جو ڌيان نه آهي. ڪرنسي، مارڪيٽ اسٽاڪ، توانائي جون قيمتن تي فرق جو امڪان آھي، ان جا اثر پاڪستان تي به پوڻا آھن، چيني ڪرنسي مهانگي ٿي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان چين کان گهڻو ڪجهھ گھرايون ٿا،ادائيگي ڊالر ۽ يوآن ٻنهي ۾ڪندا آھيون ڊالر جي قيمت گهٽي ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو ؟
ھڪ تھ توھان اھو بلڪل وھم نھ ڪجو تھ اسان کي ڪو معيشيت جي باريڪين جو پتو آھي،فنانشل ٽائمز،اڪانومسٽبلوم برگ،وال اسٽريٽ ايشيا نڪئي ۽ چيني نيوزسائيٽس اڄ ڪلھھ اھو ئي سڀ رپورٽ ڪري رھيا آھن ان جا ڪهڙا اثر پوڻ يا ٿيڻاآهن، ڪجھه خبر ھجي ھا تھ ضرور ٻڌايان ها. ”پاءُ مڙسي پنھنجي بھ ڪجو، مون تي نھ ڀاڙجو“ خواهش اها آهي ته ڊالر جون قلابازيون لڳن، مهانگائي جو زور ٽٽي ۽ ڪم هلندو رهي.