رٽائرمينٽ کان پوءِ هر سرڪاري ملازم جي سڀ کان وڏي اميد ان جي پينشن هوندي آهي۔ پوري حياتي جنهن جا حسين ڏهاڙا ڪارن وارن کان چاندي ٿيل وارن تائين کاتي جي خدمت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هو ڪرسي ڇڏيندو آهي ته اها ئي پينشن ان جي پوڙهائپ جو سهارو بڻبي آهي۔ پر افسوس جو اسان وٽ اڪثر رٽائرڊ ملازمن کي پنهنجي ئي جمع پونجيءَ لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽي مٿي کي چڪر اچي ويندا آهن .
رٽائرمينٽ کان پوءِ پينشن ڪيس جي ڪاغذي ڪارروائيءَ جي تياري ۾ دير، سروس بُڪ جي مڪمل ڪرڻ ۽ حساب ڪتاب جي نالي تي مهينا لڳي وڄن ٿا جيڪو اڄوڪي ڪمپيٽرائيزڊ ٽيڪنالاجي دور جو هڪ وڏو الميو ئي چئي سگهجي ٿو. ننڍي کان ننڍي غلطي ڪڍي فائيل واپس ڪيو ويندو آهي۔ ڪڏهن تاريخ ۾ فرق، ڪڏهن ٺپو ڌنڌلو، ۽ ڪڏهن صحيح جو بهانو۔ عمر رسيده ماڻهو سان اها جٺ هر هنڌ ٿيندي رهي ٿي ٻيو ڪجھ به ناهي اهو صرف ان ڪري آهي “چانهه پاڻي” کان سواءِ فائيل اڳتي وک نه ٿو چري۔ جيڪو رٽائرڊ ملازم پنهنجي سرڪاري پينشن مطلب زندگي جي پينشن مان ٻه روپيا نٿو ڏيڻ چاهي ، ان کي آفيسن جا چڪر مٿان چڪر لڳائڻا پوندا۔ رٽائرڊ ماڻهو جيڪو اڳ ۾ پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺل هوندو هو، هاڻي ٻين جي رحم و ڪرم تي هوندو آهي۔ ڪائونٽر تي ويٺل ڪلارڪ کان سيڪشن آفيسر تائين پرچي ۽ خرچي کي اهميت ڏني ويندي آهي باقي جيڪو ٻنهي کان پاسيرو تنهن کي ڌرم جا ڌڪا ئي نصيب ٿيندا آهن ۔
رٽائرڊ ملازم وٽ آمدنيءَ جو ڪو ٻيو ذريعو نه هوندو آهي۔ ٻارن جي شادي، بيماريءَ جو علاج، گهر جو راشن ۽ ٻيو سڀ ڪجهه پينشن تي منحصر هوندو آهي۔ دير جي صورت ۾ هو قرض وٺڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ۽ ھن جو عزتِ نفس به مجروح ٿيندو آهي۔ پينشن لاءِ خوار ٿيڻ کان پوءِ هو دعا بدران بددعا ئي ڏيندو آهي اهو ئي سندس وس ۾ هوندو آهي۔
سمورا کاتا پينشن ڪيس لاءِ تڪڙي سهولت ڏين۔ پينشن جو سڄو پراسيس ڊجيٽل ڪيو وڃي ۽ هر رٽائرڊ ملازم کي SMS تي اڳڀرائيءَ کان آگاهه رکيو وڃي۔
قانون ٺاهيو وڃي ته رٽائرمينٽ جي 30 ڏينهن اندر پينشن شروع ٿي وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔
ياد رکو ته ڪرسي ڪنهن جي زر خريد يا هميشه ناهي هوندي
اڄ جيڪو آفيسر فائيل تي صحيح ڪرڻ ۾ دير ٿو ڪري، جيڪو ڪلارڪ پوڙهي رٽائرڊ ملازم کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڀ پيري بيهاري يا وري هروڀرو بينچ تي ويهاري انتظار ٿو ڪرائي، جيڪو اڪائونٽ آفيسر اعتراض لڳائي فائل واپس ٿو ڪري اهي سڀ به هڪ ڏينهن رٽائر ٿيڻا آهن۔ وقت جو ڦيٿو ڪنهن لاءِ به نٿو بيهي۔ اڄ اوهان جي هٿ ۾ قلم آهي، سڀاڻي اوهان جو پٽ يا ڌيء ڀاء يا ڀيڻ گهرواري يا نياڻو اوهان جي پينشن ڪيس جو فائل کڻي ڪنهن آفيس جا چڪر ڪاٽيندو۔ اڄ اوهان ڪنهن جي پوڙهائپ کي ڏکيائي ۾ وجهندؤ ته سڀاڻي اوهان جي پوڙهائپ به آسان نه رهندي۔
پينشن خيرات نه آهي، هي 30-35 سالن جي حلال ڪمائيءَ جو حق آهي۔ جنهن ڪرسيءَ تي اڄ اوهان ويٺا آهيو، سڀاڻي ان تي ڪو ٻيو هوندو۔ پر اوهان جو ڪردار، اوهان جو ورتاءُ، اوهان جي ڪيل آساني يا ڏکيائي اها ئي اوهان جي سڃاڻپ بڻجندي۔ اهو وچن ڪريو ته ڪو به رٽائرڊ ملازم اسان جي آفيس مان مايوس ٿي نه موٽي۔ پوڙهن هٿن کي سهارو ڏيو، چڪر نه۔ ڇو ته سڀاڻي اوهان جا هٿ ۽ هڏ به هيڻا ٿيڻا آهن ۽ نيٺ ته رلائڻ وارا به رٽائر ٿيندا ۔