هراري (ويب ڊيسڪ) ڀارت زمبابوي خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين مقابلي ۾ 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ورتي.
هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهي سگهي.
زمبابوي جي ويسلي مڌيويري 39 ۽ تاديوناشي ماروماني ناٽ آئوٽ 27 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ميانڪ يادَو ۽ پرنس يادَو 2، 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته روي بشنوئي ۽ شيوم دوبي هڪ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
زمبابوي جي 126 رنسن جو هدف ڀارت رڳو 13.2 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو.
ويجهڙ ۾ انگلينڊ خلاف ڊيبيو ڪندڙ ۽ شروعاتي ٽن ميچن ۾ ناڪام رهندڙ ويڀَو سوريا ونشي جي ڀيٽ نيٺ هلي وئي، هن 19 بالن تي 50 رنسن جي ڌماڪيدار اننگز کيڏي، جڏهن ته ايشان ڪشن 35 ۽ ڪپتان شريا اَئيَر ناقابل شڪست 28 رنسون ٺاهيون.
شاندار بالنگ تي ميانڪ يادَو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like