گُل فيروزا جو آءِ لينڊرز کي ڪٽڪو، پاڪستان وومينز پهرين ون ڊي ۾ سريلنڪا کي هارائي ڇڏيو

همبنٽوٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
سريلنڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان چماري اٿاپٿو 46 ۽ نيلڪشي ڊي سلوا ناقابلِ شڪست 46 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته حاسني پيريرا ۽ ڪاوشا دُلهاري 35، 35 رنسون اسڪور ڪيون.
پاڪستان طرفان نشرا سنڌو شاندار بالنگ ڪندي 42 رنسن جي عيوض 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته تسميا رباب 2 بيٽرز کي پويلين ڀيڙو ڪيو.
سريلنڪا وومينز211 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستاني اوپنر گل فيروزا جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 77 بالن تي 78 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 11 چوڪا شامل هئا.
سدرا امين 94 بالن تي 57 رنسون ٺاهي اننگز کي سهارو ڏنو، جڏهن ته آئيشا ظفر 27 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي ۽ ٽيم کي 43هين اوور ۾ ڪاميابي ڏياري.
سريلنڪا طرفان ڪاوشا دُلهاري 2 وڪيٽون ورتيون، شاندار ڪارڪردگي تي گل فيروزا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like