پاڪ افغان خطي ۾ ڪڏهن امن ناهي رهيو

تحرير: رياض ابڙو 

شروع کان افغانستان سان ساڳي ويڌن رهندي آئي آهي، اهي پاڻ ايجنسين جي هٿ وس رهيا آهن يا ائين چوندا آهن ته ”اچ ڏاند مون کي ڊھَ هڻ“. افغانستان ۾ ظاهر شاھ 1933 ۾ افغانستان ۾ ڊگهي شهنشاهيت ڪري ويو، جيڪا هن جي پيءُ جي سرڪار جي سلسلي جي ڪڙي هئي. ظاهر شاھ اها حڪومت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ئي پيءُ نادر شاھ کي قتل ڪري رات پيٽ ۾ تخت تي ويهي رهيو هيو. ”لوئس ڊيپري“ جي رپورٽ مطابق ظاهر شاھ ايڏو ڀلو حڪمران نه هيو، توڻي جو هي 20 سال پنهنجي سرڪار جا ڪڍي ويو. هو اسلامسٽ يا طالبانائيزڊ نه هيو پر هن پنهنجو پاڻ ۽ افغانستان کي مغربي ملڪن ۽ سوويت يونين جي هٿ وس ڇڏي ڏنو هيو. ان وقت افغانستان ۾ هلمنڊ صوبي جي نديءَ تي پاور پروجيڪٽ ۽ واٽر ايريگيشين جا ڄار ”سين فانسيسڪو“ جي انجنيئرنگ فرم ڪيا هيا، ۽ ائين ئي آهستي آهستي افغانستان مغرب مائل ٿي ويو هيو، ۽ افغان رياست انهن کي مداخلت جا موقعا ڏيندي رهي هئي. وري 1953 ۾ ظاهر شاھ جي سئوٽ محمد دائود خان وزيراعظم ٿي ويو هيو. هلمنڊ واري منصوبي توڻي جو ترقي جا نوان باب شروع ڪيا هيا، پر اتي افغانستان ۾ لبرل مائينڊ سيٽ جا دروازا به کولي ڇڏيا هيا، ۽ وزيراعظم دائود سوويت يونين جي لاءِ افغانستان جا دروازا کولي ڇڏيا هيا، ايتري ۾ افغان سرڪار يو ايس ۽ سوويت يونين سان 1953 کان 1955 تائين مسلسل لاڳاپا بحال رکيا، آمريڪا کان هٿيار به وٺندو رهيو. وري دائود جي سرڪار 1956 ۾ روس کان 25 ملين ڊالر جا هٿيار به خريد ڪيا هيا، جن ۾ توپون، هيليڪاپٽر، جنگي جهاز ۽ ننڍا وڏا هٿيار به خريد شامل هيا، جنهن جي ڪري هي سول وار جي ويجهو اچي ويا هيا، جو اها ڳالھه ”يو ايس“ کي پسند نه آئي.

1955 تائين اولھه پاڪستان جي ناانصافين جي ڪري اوڀر پاڪستان مان بغاوت اڀرڻ جي ڪري بنگالين تحريڪون شروع ڪيون ۽ جنرل ايوب (ڪاڪڙ) اهڙي بغاوتن جي ڪري اولھه پاڪستان ۾ ون يونٽ لاڳو ڪري ڇڏيو هيو، جئين بنگالين کي دٻائي سگهجي ۽ بنگالين وري ٻولي جي تحريڪن ۾ اردو ڳالهائڻ، پڙهڻ، لکڻ ۽ رابطي جي ٻولي کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو. هوڏانهن وري پختونن جي بغاوت کي سوويت يونين جي ڀڙڪائڻ ۾ پاڪستان جا لاھ نڪري ويا هئا. بدلي ۾ هنن وري پاڪستاني بارڊر ۽ پاڪستاني اڏا روس جي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. ان نفرت ۾ 1955 ۾ افغانين قنڌار، ڪابل ۽ جلال آباد ۾ واقع ڪائونسل خاني تي حملا ڪري ڏنا، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ڄڻ سرد جنگ ڇڙي وئي. انهن جي ٽياڪڙي لاءِ مصر، عراق، سعودي عرب، ايران ۽ ترڪي ميدان ۾ لهي آيا، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وڄ ۾ جنگ جي خطري کي ٽاري سگهجي. ايتري ۾ وزيراعظم دائود 1960 ۾ ۽ 1961 ۾ پختون علائقن ۾ پنهنجا جٿا موڪليا ته جيئن جنگ ڇڙي. پر پاڪستان سيپٽمبر 1961 ۾ بارڊر سيل ڪري ڇڏيا. ان سڄي ٽينشن ۾ روس کي سڪون هيو، جو افغانستان سان هنن جا رابطا، واپار ۽ اچ وڃ بحال رهي. پر ان دوران افغانستان جي لاءِ آمريڪي امداد بند رهي، جو هنن جي واسطا ۽ رستا رڳو روس جي لاءِ کليل رهيا، ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي دخل گھڻو رهيو. وري 9 مارچ 1963 ۾ دائود جي سرڪار ختم ٿي وئي جنهن ۾ ”شاھ آف ايران“ جو وڏو هٿ هيو، ۽ دائود جي سرڪار ختم ٿيڻ سان هنن جا پاڪستان سان رابطا بحال ٿي ويا. ظاهر شاھ افغانستان جي حڪومت سنڀالي ۽ پختونن جي تحريڪن کي وري اڀار مليو. ”بيرنٽ ربن“ 1992 ۾ پنهنجي هڪ اسٽڊي ”فريگمينٽيشن آف افغانستان“ ۾ چيو هيو ته ”پاڪستان جي پنجابي حڪمرانن جي هوندي پختون تحريڪن کي اهو برابر خوف ۽ ڊپ آهي ته انهن کي نقصان پڄندو“.

1973 ۾ دائود وري ظاهر شاھ جي حڪومت ڪيرائي وڌي ۽ تيستائين پاڪستان جي هٿن مان اوڀر پاڪستان به نڪري چڪو هيو. ان سڄي پيش منظر ۾ روس کي وري پنهنجي چال هلڻي هئي، جو ٽين دنيا جي ملڪن کي وري ڪاپاري ڌڪ رسائي ۽ ان ڪوشش ۾ هن دائود جي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر بنگلاديش جي ٺهڻ سان پاڪستان جو اسلام جي نالي تي ٺهڻ وارو غرور خاڪ ٿي ويو، ۽ وري پختون ۽ بلوچ تحريڪون شروع ٿي ويون، جن جي اڀارڻ ۾ افغان ايجنسين سان ”را“ جو سڌو سنئون رابطو ۽ پاڪستان ۾ سياسي بي چيني پيدا ڪرڻ ۾ هٿ هيو. جنهن جي ڪري پاڪستان جي سلامتي کي زبردست خطرو لاحق ٿي پيو، جنهن سبب ڀٽي صاحب جي سرڪار وري اهڙي ئي طرح سي آءِ اي جي حرفتن جي نظر ٿي وئي ۽ ضياءَ جي اسلامڪ اسٽيٽ جنم ورتو. هوڏانهن وري روس جي حملن جي اوڌ کي روڪڻ جي لاءِ لوڪل ايجنسين پختونن کي ”طالبان“ جي صورت استعمال ڪيو ته جيئن افعانستان ۾ به ڪم مچيل رهي. ڇو ته دائود جي حڪومت کي ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت صدر حفيظ الله جي هٿ ۾ اچي وئي. روس جي مداخلت جي ڪري دائود جي تختي کي اونڌو ڪري، روس 27 ۽ 28 آڪٽوبر جي رات 1978 تي انقلاِب ثور جو رستو آسان ڪيو ۽ اها ڳالھه آمريڪا کي پسند نه آئي، جنهن جي موٽ ۾ سي آءِ اي پاڪستان جي سڄي عوامي سيٽ اپ کي ”اپ سيٽ“ ڪري ڀٽي صاحب جي تختي کي اٽلائي بين الاقوامي ايجنسين اسلامي انقلاب جون راهون هموار ڪيون ته جيئن ان ساڳي اثر ۾ افغان سرڪار کي به ڪمزور ڪري سگهجي ۽ سي آءِ اي جي مداخلت کي کلي عام دعوت ڏجي. طالبان جي فارميشن ڪري روس جي انويجن (حملن) کي ٻنجو ڏجي، ان ڪري لوڪل ايجنسيون ۽ سي آءِ اي هڪ ڳالهھ ٿي پيون. هنن مجاهدين جا لشڪر تيار ڪيا، جن ۾ برهان الدين رباني، احمد شاھ مسود، گلبدن حڪمت يار وغيره تيار ڪري ورتا، جن ماڻهن ۾ اسلام جي نالي تي پيار، جوش ۽ جذبو اڀاريو، جنت ۽ دوزخ جون معنائون ماڻهن تائين انهن جي سولين ٻولين ۾ ترجمو ڪري پڄايون. سي آءِ اي 1954 ۽ 1967 ۾ پاڪستان کان اڏا وٺي روس جي خلاف اهڙيون ڪارروايون ڪندي رهي هئي جيڪي 1974 تائين ٿينديون رهيون.

سي آءِ اي جي زور تي لوڪل ايجسنين جي ڪارروائي سبب روس جي ڊس انٽيگريشن ممڪن ٿي، جنهن جي ڪري 1954 ۽ 1967 تائين جنرل ايوب جي دور ۾ اڏا ڏئي روس جي خلاف ڪارواين تيز ڪيون ويون هيون، جنهن سان افغانستان ۾ به گهرو لڙائي جهڙي صورتحال وڌندي رهي هئي ۽ ان ڪري افغانستان جا پاڪستان سان به رابطا ڪي بهتر نه رهيا هيا. وزيراعظم دائود وري پاڪستاني پختونن کي به استعمال ڪيو ۽ جنگي سامان مهيا ڪري نه کٽندڙ ويڙھ شروع ڪرائي ڏني هئي. پشتونن ۽ افغانين جو وهم يا يقين اهو به آهي ته گريٽر پختونستان جي سوچ 1893 ۾ ئي جنم وٺي چڪي هئي، جڏهن ڀارت ۾ ”سر هينري مارٽيمر ڊيورانڊ“ (جيڪو ان وقت ڀارت جو فارين سيڪريٽري هيو ۽ جنهن جي نالي پٺيان افغان بارڊر جو نالو به آهي، جنهن کي اسان ڊيورانڊ لائين چئون ٿا) ۽ جنهن جي ورهاست ۾ پختونن جا ٻه ڀاڱا ٿي ويا هيا، جئين سڄي ايشيا ۾ ڪي سنڌي پاڪستان جي پاسي آهن ته ڪي ڀارت جي پاسي آباد آهن، ائين ڪي ڪرد هڪ ملڪ ۾ آهن ته ڪي ڪرد ٻئي ملڪ ۾ آباد آهن، وري بلوچن سان به ساڳي ويڌن آهن، ازبڪ، تاجڪ، ترڪ، پنجابي، سک ۽ ٻيون متعدد قومون جيڪي ايشيائي کنڊ ۾ ائين ئي بي سبب ورهائي ڇڏيون هين، جيڪي اڃان تائين ڀارت، پاڪستان، افغانستان ۽ بالٽڪ رياستن ۾ سڃاڻپ جي ڳولا ۾ آهن، جن جو ثقافتون، ٻوليون، تهذيب ۽ سندن تمدن خطري ۾ آهي، ۽ خطرو آهي ته هلندي هلندي اهي ميسارجي وينديون. جنهن جي ڪري هاڻي آمريڪا جو اهو خواب آهي ته هو ”نيو ورلڊ آرڊر“ هلائي ۽ جاري ڪري، انهن دربدر قومن جا نوان ملڪ جوڙي دنيا کي وري نئون بنو ڪري ڇڏي، پر آهي مشڪل، ان ڪري ”يو اين او“ ۾ کڻي قرارداد پيش به ڪن پر ٿي نه ٿو سگهي.

ساڳي وارتا ۽ ويڌن 1947 تائين هلندي آئي ۽ هلندي پئي اچي، جنهن ۾ برطانيا برصغير کي واضح ٻه ٽڪر ڪري، هتان جي ماڻهن جو آرام ڦٽائي پاڻ سڪون سان سوڙها ٿي ويهي رهيا. ان ڪري پختون اڳواڻن ان ٽائيم جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ عام ماڻهن تائين اهو پيغام پڄايو هيو ۽ انگريز سرڪار سميت ان دور جي اسٽبلشمينٽ کي به انتباھ ڪيو هيو ته انگريزن جيڪڏهن برصغير کي ٻه ٽڪر ڪيو ته اسان (پختون) پاڪستان سان گڏ نه رهنداسين ۽ اسان کي گريٽر پختونستان ٺاهڻو پوندو ۽ هر صورت ٺاهينداسين، ۽ اهي پختون اڳتي هلي هلي هاڻوڪي افغانستان مان به پنهنجي جان ڇڏائي ويندا. پختونن جون اهڙيون تحريڪون 1950 تائين هلنديون ۽ ٻڙڪنديون رهيون، جن خطي ۾ به امن جا پکي اڏاري ڇڏيا هيا ۽ اهي 1950 ۽ 1951 تائين بارڊر لائين (ڊيورانڊ لائين) کي پنهنجي مرضيءَ سان ڪراس ڪندا رهيا، ۽ پختونن جو جھنڊو ڦڙڪائيندا رهيا. انهن جي تحريڪن کي افغانستان جو وزيراعظم محمد دائود به 1953 کان 1963 تائين اڀاريندو ۽ سپورٽ ڪندو رهيو. پر تيستائين پاڪستان وري روس جي حمايت مان نڪري آمريڪا جي آشيرواد ۾ هليو ويو، ۽ افغانستان وري روس جي سپورٽ ورتي، ڇو ته واضع ڌڙن مان اها به مراد هئي ته سي آءِ اي جنرل ايوب کي روس جي خلاف استعمال ۾ آندو ۽ پاڪستاني اڏن تان روس تي حملا به شروع ڪيا، ۽ روس وري پختونن جي تحريڪن کي ڀڙڪايو، جنهن جا اثر پاڪستان ۾ وڌندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.