يرغمالين جي لاشن ملڻ تي اسرائيلي وزيراعظم خلاف عوامي ۽ عالمي دٻاءَ ۾ اضافو

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڇهن يرغمالن  جي لاشن ملڻ بعد گھڻي دٻاءَ  جو شڪار ٿي ويو آھي.يرغمالين کي زندھ واپس نھ آڻي سگھڻ تي ھن عوام کان معافي ورتي آھي.پر ٻئي پاسي سندس سياسي حڪمت عملي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج تيز ٿي ويا. ھوڏانھن حماس ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن جنگبندي جو معاهدو نه ٿيو ته وڌيڪ اسرائيلي يرغمال ”ڪفن ۾ ويڙهيل“ پنهنجن گهرن ڏانهن موٽندا.نيتن ياهو جي معافي واري ڳالھھ  ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن بين الاقوامي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ احتجاج جاري آهي، برطانيه تازو ئي ڪجهه هٿيارن  ڏيڻ جي عمل کي معطل ڪندي چيو آهي ته ان کي بين الاقوامي قانون جي خلاف استعمال ٿيڻ جو خطرو هو.اسرائيل جي مختلف شهرن ۾ هزارين ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ هڙتال ٿي.  7 آڪٽوبر تي جنگ شروع ٿيڻ بعد اسرائيل ۾ ھي پهرين وڏي هڙتال هئي.احتجاج ڪندڙن  نيتن ياهو تي الزام لڳايو آهي ته هو پنهنجي سياسي فائدي لاءِ حماس سان جنگبندي ۾ رڪاوٽ وجھي رھيو آهي.

يرغمالين جا خاندانن نتن ياهو جي حڪمت عملي تي ناراضگي ظاھر ڪندا رھيا آھن، پر  ڇنڇر تي 6 يرغمالين جي لاشن ملڻ بعد انھن جي ڪاوڙ وڌي وئي آھي.سمورن ڇهن  جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. امڪاني جنگبندي جي صورت ۾ انھن مان ٽن کي پهرين مرحلي ۾ آزاد ڪيو وڃي ھا.اسرائيل ۾ مظاهرو ڪندڙن وٽ ھٿن ۾ کنيل پلي ڪارڊ تي لکيل هو .اڳواڻ تون آهين تھ الزام بھ توتي لڳندو .حماس پاران 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملي جي لڳ ڀڳ 11 مهينن کان پوءِ به غزه ۾ 97 يرغمالي قيد آهن، جن مان 33 ڄڻن بابت چيو وڃي ٿو ٿھ انھن کي ماريو ويو آهي.جڏهن  اھا خبر پھتي ته حماس  وٽ يرغمالين مان 6 قيدين جا لاش غزه ۾ مليا آهن، تھ اسرائيل ۾ احتجاج ڪندڙ روڊن تي نڪري آيا، بعد ۾ وڌيڪ مظاهرين ۽ عام هڙتال جو سڏ ڏنو ويو. ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽريڊ يونين ھستادروت ان  هڙتال جي پٺيان  ھئي ۽ اسرائيل ۾ اپوزيشن ليڊر يائر ليپڊ جي بھ حمايت ھئي . يرغمالين جي خاندانن جي فورم عام عوام کي هڙتال ۾ حصو وٺڻ ۽ ملڪ کي جام ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن جو وڏو ردعمل آيو. نيتن ياهو انھن الزامن کي رد ڪيو تھ ھو سياسي فائدي لاءِ جنگبندي ۾ رڪاوٽ آھي.هنن چيو ته اسرائيل يرغمالين جي قتل جي ذميوارن کي گرفتار نه ڪرڻ تائين آرام نه ڪندو.

ڪجھھ سرڪاري ادارن جي ھڙتال ۾ شامل نھ ٿيڻ باوجود سڄي ملڪ ۾ ماڻھن جي وڏي انگ ھڙتال جي حمايت ڪئي ۽ احتجاج ڪيو.حماس پاران 7 آڪٽوبر جي حملن بعد اسرائيل ۾ ٿيل مظاھرن ۽ ھڙتال جو مقصد حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ  ھو تھ جيئن  ڊگهي انتظار واري جنگ بندي معاهدي کي محفوظ ڪري سگھجي.وزيراعظم گهڻي عوامي ڪاوڙ باوجود  اهو چوڻ مشڪل آهي تھ ان  احتجاج سان  سندس پاليسي تبديل ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.