تاريخ کان اڻڄاڻائي اسان جو سڀ کان وڏو الميو رهيو آھي ۽ گڏ ئي گڏ اسان شائونزم ۽ نيشلزم جي وچ ۾َ فرق ڪرڻ جي لاءِ به لائق ناهيون.مظموم ومحڪوم قومن کي آزاد قومن سان گڌ هڪ ترازي ۾ تورڻ واري نفسيات احمقن جي نفسيات ٿي سگهي ٿي.
حقيقت ۾ جذبات جو گوڙھائي سان تجزيو ڪيو وڃي ته جذبات بنيادي طور تي عقل دشمن روين کي جنم ڏيندي آھي يا ڏيئي ٿي.جنهن جو مظاهرو هن وقت سوشل ميڊيا تي هرهنڌ پکڙيل آھي.اهڙن عقل جي انڌن تي ڪڙي نظر رکڻ وقت جي اشد ضرورت آھي.ڇاڪاڻ ته ان قسم جي سوچ رکڻ وارا چڻنگ منجهان باه تي پيٽرول ڇڙڪڻ واري ڪوشش ڪندا آھن.
ڊگهي ڳالهه ڪرڻ يا تاريخ وري لکڻ سان شايد هن وقت ڪو فائدو ناهي.پر هڪ بنيادي ريفرنس جي لاءِ برطانيه ۽ آئرلينيڊ يا سرائيل ۽ فلسطين جي ڇڪتاڻ کي پڙھڻ فائدي وارو ٿيندو؟آئرش جو قصو.بلوچستان ۽ پاڪستان واري قصي کان به ڪيترائي ڏھاڪا اڳ ۾ شروع ٿيو هو ۽ ان کان وڌيڪ رتوڇاڻ وارو هو.سويلين موتن جي انگ جي شرح به ڪافي گهڻي هئي.پر ستر سالن کانپوءِ انهيءَ مسئلي جو حل تڏھن ئي ڪڍيو ويو جڏھن آئرش سياسي ونگ شن فين جي ڳالهه برطانيه بيشڪ ٻڌڻ شروع ڪئي.آئرش رپپبليڪيشن آرمي جنهن جو ڪو اعلاج دريافت نه ٿي سگهيو هو.اها سياسي جي اهميت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ئي تشدد جو رستو ڇڏي وئي ۽ اڄ اتر آئرلينڊ امن سان گڏ ٿرقي ڪري رهيو آھي.
جڏھن ته فلسطين ۾ ان جي ابتڙ ٿيو.سياسي هوريان هوريان محدود ٿيندي وئي.بي ايل او ڪنٽرول وڃايو ۽ ايران جهڙين قوتن ان کي ڪنٽرول وڃائڻ تي مجبور ڪيو.جتي حماس جنم پرتو.تشدد جي واڌ سان گڏ سمورو علائقو تباه ٿيندو ويو ۽ ھن وقت تباهيءَ جي بدترين دور ۾ ھلي رهيو آھي.
پڇڻ جي لاءِ ته اهو به پڇي سگهجي ٿو ته ڇا انهن ٻنهي قصن ۾ پاڪستان کي برطانيه ۽ اسرائيل سمجهڻ غلط ٿيندو ۽ ان جو جواب اوهان پاڻ حساب ڪتاب ڪري ڪڍي سگهو ٿا.
بي ايل اي پنهنجو طريقي ڪار يا طرز ساڳئي اپنايون پئي آھي.جيڪا حماس ۽ آئي آر اي اپنائي هئي. قوميت جو آھي.تشدد جي جي نفسيات مظلوم قومن جي ردعمل کي سمجهڻ جي لاءِ گرانز فين جو مطالعو فائديمند ٿيندو.هڪ ٻئي پوائنٽ گهربل هجي ته الجزائر جو ڪيس به پڙھي سگهجي ٿو.
خير اهي ته وقت وارا ڪم آھن ۽ اسان جي مصروف قوم وٽ پڙھڻ جو وقت ته مشڪل سان نڪرندو.پر هي سمجهي ڇڏيو ته بلوچستان جو مسئلو محسن نقوي صاحب جهڙي عظمت جي مينار جي مقرر ڪيل ايس ايڇ او کان حل ٿيڻ جو ناهي.تشدد جي مذمت سان يا جوابي تشدد سان ختم ڪرڻ جيڪڏھن آسان هجي ها ته فلسطين ۽ آئرلينڊ جو مثال مختلف هجي ها.رستو اهوئي آھي.جيڪو تاريخ سيکاري چڪي آھي.اوهان ماهه رنگ جي وات ۾ زبردستي مائيڪ وجهي ڪري پنهنجي مرضيءَ جو بيان وٺڻ تي هٺ ڪيون پيا آھيو.جيئن اسان جو نوجوان نسل هر مسئلي کانپوءِ ملا لا کان اميد ڪندو آھي يا ڪري ٿو.خير هڪ بيان اڇي به چڪو آھي.ليڪن ان کي به ڇڏي ڏيو.مان اهو به مڃي وٺان ٿو ته ماهه رنگ بلوچ بي ايل اي جو ئي سياسي چهرو آھي.ليڪن هي ڏسي وٺو ته هڪ پڙھيل لکيل ڇوڪري امن پسنداڻو مارچ ڪري رهي آھي.اها پنهنجو فرياد رستي تي ويهي ڪري انهن ادارن ۽ سياسي قوتن اڳيان رکي رهي آھي.جن جي ذميواري اها هئي ته ملڪ ۾ ھڪ به قانون کان مٿاهون اغوا نه ٿيئي ۽ هڪ به قانون کان مٿاهون قتل نه ٿيئي.
ماهه رنگ بلوچستان جي دکندڙ مسئلي جي حل جو سياسي چهرو آھي.اوهان هن سان اختلاف يا اتفاق رکي سگهو ٿا.پر ان کي گاريون ڏيڻ جو اڳواڻ کي نه ڪو اخلاقي ۽ نه وري ڪو قانوني حق آھي؛
اوهان ماهه رنگ کي جڳهه ڏيندو.هن جي ڳالهه کي سجنيدگي سان ٻڌندو.هن کي سياسي اسپيس ۾ اهميت ڏيندو ته بي ايل اي جي تشدد واري جڳهه پاڻ ئي حل ٿي ويندي.اوهان خاڪي وردين وٽ موجود ريموٽ ڪنٽرول کي سياستدانن جي هٿ ۾ ڏيڻ جو حوصلو آڻيندو ته ٻنهي پاسن کي رت ئي وهندو ۽ وهائڻ جو حادثو ڏينهون ڏينهن پاڻ ئي ختم ٿيندو ويندو.
هن وقت ماهه رنگ بلوچ ۽ سندس جهڙن درجنين نه بلڪ سيڪڙين ٻين بلوچ اڳواڻن تي الزام يا گارگند ڏيڻ جو نه بلڪ انهن کي اسپيس ڏيڻ جو آھي.انهن کي قومي وهڪري ۾ وڌ کان وڌ اهميت ڏيڻ جو آھي ۽ انهن جي هر جائز مطالبي کي فورن حل ڪرڻ جو آھي.
جيڪڏھن اوهان هن وقت ماهه رنگ بلوچ کي پنهنجي تاريخي اڻڄاڻائي .وقتي جذباتيت يا بي عقلي جي سبب رد ڪندو ته اها اوهان جي عقلمندي ناهي.بيوقوفي ئي سڏبي.ماهه رنگ جو ڪو مطالبو غير قانوني ۽ غير آئيني ناهي.هن نه تشدد ڪيو آھي ۽ نه ئي تشدد کي ڀڙڪايو آھي.وقت آھي ته ماهه رنگ جهڙي هر آواز کي بلوچستان جي سياسي منظرنامي تي احترام ۽ عزت ڏني وڃي ته جيئن اوهان آئي آر اي ۽ حماس جي بجاءِ شن فين ۽ پي ايل او ڳالهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃن ۽ بي ايل اي جهڙيون تنظيمون تشدد وارو ڪارڻ پاڻ ئي وڃائي ڇڏين.
باوجود ان جي جيڪڏھن اوهان وري به هٺ تي آھيو ته اوهان کي ساڳئي رستي تي هلڻو آھي.جنهن تي ستر سالن کان هلي رهيا آھيو ته مان اوهان جو هٿ ته نٿو وٺي سگهان .اها اهو ضرور ٻڌامي سگهان ٿو ته ان جو نتيجو اهو آھي ته اڄ اوهان جي 90% آبادي پاڻ کي هن ملڪ ۾ رهڻ جي قابڪ نٿي سهجي ۽ ھتان کانجان ڇڏائڻ جي اوسيئڙي ۾ آھي.ڪمال ته اهو آھي ته فيس بڪ تي وطن جي حب جو پرچار به انهيءَ 90سيڪڙو جو ئي آھي. امپيريڪل ايويڊنس کان سکڻ.ٻين جي غلطين کان سکڻ .تاريخ کان سکڻ.پنهنجيون غلطيون ڏاڍيون مهانگيون هونديون آھن ۽ اسان جو خزانو ته هونئن ئي خالي آھي .