گھڻو اڳ جي ڳالھھ آهي. دل جي ڊاڪٽر مون کي چيو ھو،”ٻچا، ڊوڙندو رهه. جيستائين ڊوڙندو رھندين،تيستائين زندهه رهندين.ڊوڙڻ ڇڏي ڏيندين ته مري ويندين“ هاڻ جڏھن پوڙهو کک ٿي ويو آهيان،تڏھن ڊاڪٽر جي ڳالهه جي تصديق ٿي رهي آهي.هاڻي مان ڊوڙي نٿو سگهان.تنھنڪري جلد ئي مري ويندس.منهنجا هم عصر ۽ ھم عمر، دوست ۽ دشمن جيڪي ڊوڙي نه ٿا سگهن۽ اھي بستري تي پيا ھوندا آھن.اھي ڪي دنيا ڇڏي وڃي چڪا آھن.
دل جي ڊاڪٽر جي تنبيھھ کان پوءِ،مان لڳاتار ڊوڙندو رهندو ھوس.مسلسل ڊوڙندو رهندو ھوس.بک لڳندي هئي ته ڊوڙندي کاڌو کائي وٺندو ھوس.اڃ لڳندي ھئي ته ڊوڙندي پاڻي پي وٺندو ھوس.ننڊ ايندي ھئي تھ ڊوڙندي سمهي پوندو ھوس.ايتري تائين جو ڊگهي زندگيءَ جا خواب بھ ڊوڙندي ڏسندو هوس.ھاڻي نه ننڊ اچي ٿي،نه ئي خواب اچن ٿا. هاڻي مان ڊوڙي نٿو سگهان.ڪو منهنجي ڪارڊيولوجسٽ کي ٻڌائي ڇڏي ته لڳي ٿو ته مان تمام جلد مري ويندس.ڪارڊيولوجسٽ جي ڳالھه مان وسارڻ چاھيان،پوءِ بھ وساري نھ ٿو سگهان. ڊاڪٽر جو چتاءَ،تنبيھھ مون کي ياد آهي. ڊوڙندي نھ تھ مري ويندين.ڊوڙڻ هاڻي منهنجي وس جي ڳالهه ناهي.مان ڄاڻان ٿو، ڊوڙندس نھ،تھ مري ويندس.
بيماري جي بستري تي ليٽي پوڻ کان اڳ مان گھڻو ڊوڙندو ھوس.بس،ٽرام۽ ڊبل ڊيڪر ۾سوار ٿي ڪري مان ڪڏھن آفيس نه ويندو هوس.مان ڊوڙندي آفيس ويندو هوس.پگهر ۾شل،مان آفيس پهچي ويندو هوس.ڪوليگ مون کان وڇوٽي رکندا ھئا.ان دوران منهنجي گرل فرينڊ به مون کي ڇڏي ڏنو ھو.مون کي ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿيو، مون ڏک ڀري لهجي ۾ خط لکندي چيو.” مڃيون ٿا ته اسان جا عقيدا الڳ ھئا.پر مون کي ڏک آهي ته پگهر ۾شل ڏسندي تو مون کي ڇڏي ڏنو.توهان کي معلوم ھجڻ گهرجي ته مون کي جيئري رهڻ لاءِ ڊوڙڻو پوندو. ڊوڙندس نه،تھ مري ويندس.اهو، مان نه، منهنجو ڊاڪٽر چئي ٿو.ڪراچيءَ جي رستن تي ڊوڙڻ کان اڳ مان انيڪ راندين جي ميدانن ۽ پارڪن ۾ ڊوڙندو رھندو ھوس.پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي راندين جي ميدانن۽پارڪن تي ديسي۽پرديسي مافيا قبضو ڪري ورتو.
منهنجي ڳالهه ٻڌي،اھو متان سوچيو ته تڏھن يعني ماضي بعيد ۾حڪومتون نه ھونديون هيون، ان ڪري ديسي ۽ پرديسي لينڊ گريبر مافيا کي کليل ڇوٽ مليل ھئي۽ اهي ڪراچي تي پنھنجو قبضو ڄمائيندا ويا.اهڙو ڪجهه به نه هو.حڪومتون هيون.ننڍيون وڏيون عدالتون هيون.پوليس وارا به خير سان پيٽ ڪڍي گشت ڪندا رھندا هئا.ڪراچي جي ھڪ خوبصورت ڪرڪيٽ گرائونڊ،هندو جيمخاني تي خود ڪراچي پوليس قبضو ڪري ورتو ھو ۽ حڪومت انھن کي ڪنڪريٽ ۽ سيمينٽ جا بي ڍنگا فليٽ ٺاھي ڏنا ھئا.سرڪار ۽ پوليس کان پڇڻ وارو اڄ تائين پاڪستان ۾ ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي، توهان پاڻ وڃي قبضي ڪارروائي سان ٺھيل بدصورت فليٽس ڏسي سگھو ٿا.گورنر هائوس ۽ ٻئي پاسي کان ڪراچي آرٽس ڪائونسل آمھون سامهون آهن.ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ئي، ڊي آءِ جي ڪراچي آفيس کولي ويٺو آهي.انھيءَ گرائونڊ تي عورتن جي پوليس اسٽيشن آهي.
وڃي ڏسي وٺو. اهو سڀ ڪجهه هندو جيمخاني جي ملڪيت تي ٺهيل آهي.ديسي ۽پرديسي لينڊ مافيا ھڪ طرف راندين جي ميدانن ۽ پارڪن تي قبضو ڪري ورتو ۽ ٻئي طرف ڪراچي جي سڃاڻپ ٽرام جون پٽڙيون اکيڙي ٽرام کي ڪراچي مان غائب ڪري ڇڏيو آهي. ان نيڪ ڪم ۾ بھ سرڪار جو عمل دخل ھو.ٽرام سان گڏ صاف سٿرين بسن لاءِ جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو.محمدي بس سروس پنھنجي ڊبل ڊيڪر بسن سان گڏ ھن ڌرتيءَ تان ئي مِٽائي وئي.تڏھن ڪراچيءَ تي ڇڪڙا بسن ۽ ويگنن قبضو ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڳاڙهي، پيلي ۽ نيري سرڪاري بسن جي آمد باوجود ڪراچي جي رستن تي ڇڪڙا بس مالڪن جو قبضو آهي.بلڪه راڄ آهي. گھڻا ڊگھا هٿ ۽ لاڳاپا آهن انھن جا. ٽرانسپورٽ مافيا پاڪستان ريلوي مان گڊز ٽرينن جو مڪمل صفايو ڪري ڇڏيو.سرڪار سميت ڪنهن نوٽيس نه ورتو.ڪنھن کي ڏک نھ ٿيو.جيئن ته منهنجو ڪنهن ڪاروبار سان ڪنھن قسم جو ڪو واسطو ناهي، ان ڪري گڊز ٽرينن جي بند ٿيڻ جو مون کي ڪو ڏک نه آهي.سرڪار جو ٻيڙو ٻوڙڻ وارن گڊز ٽرانسپورٽ مافيا جو ملڪ تي قبضو آھي. مون کي ان ۾ بلڪل به دلچسپي ناهي ته ملڪ تي ڪنھن جي حڪمراني آھي.مون کي خبر هئي،مون کي خبر آھي ته ڪراچي تي ٽرانسپورٽ مافيا جو قبضوآهي. ان ڳالھھ جي خبر تڏهن پئي ھئي،جڏهن موت کان پيڇو ڇڏائڻ جي لاءِ مان ڪراچيءَ جي رستن ۽ فوٽ پاٿن تي لڳاتار ڊوڙندي زندگي گذاريندو هوس.
جيڪڏهن توهان کي به دل جي معالج يعني ڪارڊيولوجسٽ ڀڄڻ ۽ ڊوڙڻ جو مشورو ڏنو آھي ۽ توھان اھو ڪم ڪراچي ۾ ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توھان فقير جي ذاتي مشوري مان ڀرپور فائدو وٺو.توھان جيستائين ڊوڙندا رھندا،تيستائين زندهه رهندا. اها بي مثال ڳالهه ڪارڊيولوجسٽ ٻڌائي ھئي.ڪراچي جي روڊن تي ڊوڙندي مون کي ڪيترائي ڀيرا پوليس پڪڙي ورتو ھو.هڪ دفعي پوليس وارن پڇيو ھو ”ڇا جيب ڪترو آهين جو، ماڻهن جا کيسا ڪترڻ کان پوءِ ڊوڙندو رهين ٿو؟“ هڪ ڀيري پوليس وارن مونکي ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو ھو ۽ پڇيو ھو ”ٻڌاءِ، تھ چوري جو مال ڪٿي لڪائي رکيو آهي؟“ مون مرڻينگ آواز ۾ جواب ڏيندي چيو ھو ”سر جي، مان چور نھ آھيان.موت کان بچڻ جي لاءِ ڊوڙندو رھندو آھيان، اھو مشورو مون کي ڪارڊيولوجسٽ ڏنو آھي،منھنجي اوھان کي مودبانھ گذارش آھي تھ موت کان بچڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڊوڙڻ جو لائسنس ٺاھي ڏيو.اھو لائسنس ڏھن رپين ۾ توهان کي ٽريفڪ پوليس جاري ڪري ٿي. ان لائسنس جي ختم ٿيڻ جي ڪا تاريخ ناهي.اڄڪلهه مان ڊوڙي نھ ٿو سگهان. مون کي ويل چيئر تي ڏسي پوليس وارن منهنجو چالان ان ڪري ڪن ٿا ته ڊوڙڻ جو لائسنس هجڻ باوجود ويل چيئر ڇو هلائيندو آهيان. مان ڊوڙان ڇو نھ ٿو ؟