سکر بئراج (ٽو) ڇو ضروري آ

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

سکر بئراج جو هئيت وارو سوال ۽ سندس جو مدو ڏسجي ته فڪر مند ماڻھون پريشان ٿو ٿي پوي.جيڪڏهن سکر بئراج جو مجموعي طور حال گيٽ نمبر 44 ۽ 47 جهڙو ٿي پوي ته پوء ان جو متبادل حل ڇا هجڻ کپي؟ان ۽ اهڙن لاڳاپيل سوالن فڪر مند حلقن کي پريشان ڪري وڌو آھي.مجموعي طور ان جو جواب ۽ مطمئن ڪندڙ دليل ڪهڙو هجڻ کپي؟ تي پڻ فوري طور غور و فڪر ڪرڻ ڪنهن قومي فرض کان پڻ گهٽ نه هوندو.ڪجهھ سرڪاري ۽ غير سرڪاري انگن اکرن سان تعلق رکندڙ حلقن جو خيال آھي ته ايئن سار سنڀال ذريعي يا مرمتي  ڪمن ذريعي ڪيترو وقت ڪم هلائي سگهجي ٿو، پر جي ڏٺو وڃي ته اهو مستقل حل ناهي.سنڌ جو ۽ قومي درد رکندڙ عوامي حلقن جو خيال آھي ته سکر بئراج ٽو ٺھڻ وقت جي اشد ضرورت پڻ آھي.جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ايندڙ 15 سالن اندر سنڌ ۾ زراعت جو ڪرندڙ معيار ۽ پاڻي جي کوٽ واري لاڙي کانپوءِ سکر بئراج جو وڌ کان وڌ ڪمزور ٿيڻ جتي سنڌ جي زراعت جو قومي نقصان ٿيندو، اتي آبپاشي جو ههڙو نمونو هنگامي بنيادن تي بيهارڻ انتهائي ڏکيو ۽ فوري طور ممڪن نه ٿيندو.

گذريل ڏيڍ ٻن مهينن کان سکر بئراج جي دروازن جو ڪمزور ٿي نڪري پوڻ ڪنهن حيرت کان گهٽ ڪونهي! پر ان جي باوجود انهن دروازن تي جيڪا خاص توجهھ ڏيڻ کپي هان،سا پڻ ڏسڻ وٽان ڪونه ٿي اچي. جنهن تي سنڌ جي سڄاڻ حلقن کي ته ڳڻتي آھي ئي آھي پر خود سيڪريٽري آبپاشي انجنيئر ظريف کيڙو کي به آھي.جنهن وزير اعلي سنڌ کي سکر بئراج جي ڳڻتي واري صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني آھي.بريفنگ دوران صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو به هو.تفصيلي رپورٽ وٺڻ ۽ بريفنگ ٻڌڻ کان پوء وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ سکر بئراج جي غير فعال گيٽ نمبر 44 ۽ 47 لاء 50 ڪروڙ ڪجھ لک روپيه جاري ڪرڻ جا آرڊرز جاري ڪيا آھن.

حيرت جي ڳالهھ اها آھي ته سکر بئراج جهڙي حساس معاملي تي ٻن مهينن کان مٿي وقت گذرڻ بعد پئسا جاري ڪيا ويا آھن.جڏهن ته خود وزير اعلي سنڌ پوري سنڌ جي ايگزيڪيوٽو اختيار رکڻ سان گڏ وزارت خزانه جو جو انچارج وزير آھي.هن سکر بئراج واري هيڏي وڏي اشو دوران خوشي اها آھي ته اداري جو سربراھ سيڪريٽري آبپاشي ٽيڪنيڪل ۽ زميوار پڻ آھي.جنهن ٽيڪنيڪل بنيادن تي مڪمل تياري ڪري وڏي وزير مراد علي شاهه کي سکر بئراج جي بحراني صورتحال ۽ اتان نڪرندڙ ڪئنالن جي تفصيل ڄاڻ ڏني ۽ سکر بئراج جي ٻن دروازن 44 ۽ 47 بابت به بريفنگ ڏني آھي.جنهن بعد وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه 50 ڪروڙ کان مٿي متاثر دروازن جي ڪم لاءِ بجيٽ جاري ڪئي آھي.

هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سکر بئراج جي منهن ۾ ٻيٽ نما واريءَ ۽ مٽيءَ جا دڙا ٿي اتي هڪ ٻيٽ قائم ٿي ويو آھي.جيڪو آبپاشي انتظاميه جي  کليل لاڌياني جو نتيجو چئجي ته غلط نه ٿيندو.اهڙي نموني سان جن دروازن جي سامهون ٻيٽ آھي اهي ۽ انهن وٽان پاڻيء جو نيڪال بند ٿئي ٿو،لازمي آھي ان جو دٻاءُ ڀر واري دروازن تي پوندو.اهڙيء طرح سان ڪيترن ئي سالن کان اهو ڪم هلندڙ آھي تڏهن ته هن وقت سکر بئراج جو دروازو نمبر 44 ۽ 47 متاثر ٿيا آھن.ٽيڪنيڪل ماڻھن جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن حقيقي بنيادن تي سکر بئراج جي مڪمل دروازن ۽ خود بئراج جي اسٽرڪچر جو معائنو ڪيو وڃي ته ڪيترائي دروازا ۽ خود بئراج جو ڍانچو ڪيترين ئي هنڌن تان متاثر نذر ايندو جيڪو پڻ ڏکوئيندڙ عمل آھي ۽ وقت سر سنڀالڻ جو گهرجائو آھي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي سکر بئراج جو بحران يا متاثر ٿيل دروازن وارو  اشو وزير آبپاشي ۽ سيڪريٽري آبپاشي جي توجھ نظرداري کان مٿانهين توجھ جو گهرجائو آھي.هن وقت سکر بئراج سنڌ ئي نه پر قومي اثاثو ۽ قومي ملڪيت جي حيثيت رکي ٿو جنهن تي سنڌ جو حڪمران وڏو وزير،سنڌ سياسي قيادت،چيف سيڪريٽري سميت سنڌ جو اسيمبلي ايوان ۽ قومي اسيمبلي ايوان سميت وفاقي حڪومت جي فوري توجھه جو گهرجائو آھي.

ان ڪري اسان هتي اها ڳالهھ ڪرڻ جو حق رکون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير ۽ سندس پارٽي قيادت سنڌ جي زراعت بچائڻ گهري ٿي ۽ سنڌ جي عوام جي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿي ته سکر بئراج سميت سنڌ جي سڀني بئراجن تي خاص توجهھ ڏئي انهن جي بچاءُ ۽ درياھ جي بندن تي ڪم ڪرڻو پوندو.ان ئي حوالي سان وزير اعظم وفاقي حڪومت ۽ قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبليء جي ايوانن ۾ ويٺل عوامي نمائيندن کان مطالبو ٿا ڪيون ته سکر بئراج جي فوري بحالي ۽ ان جي زبون حاليءَ تي ڪم ڪرڻ کپي.جڏهن ته انهيءَ سار سنڀال سميت سڀ ڪم درياھ ۽ سنڌ جي بئراجن جا ڪم ڪرڻا آھن.ان کان علاوه وڏي توجهھ سنڌ جي زراعت کي بچائڻ جي آھي جيڪا سڌو سنئون واسطو سنڌ جي آبپاشي نظام سان رکي ٿي.سنڌ جو آبپاشي نظام تڏهن بهتر ٿي سگهي ٿو جڏهن سنڌ جي درياھ مٿان ٻڌل بئراجن جي سار سنڀال بهتر هوندي.هن وقت سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 واري اشو آبپاشيءَ نظام کي جيترو متاثر ڪيو آھي جنهن جو ڪو ڪاٿو يا اندازو نٿو لڳائي سگهجي.جيڪڏهن هرسال ۽ يا چندسالن بعد ڪو نهڪو دروازن يا سکر بئراج جي اسٽرڪچر جو بحران يا اشو ايندو رهيو ته اهو ڪنهن قومي الميي کان گهٽ نه هوندو.ڇو ته اهي خدشا يا اشو سکر بئراج جهڙي قومي اثاثي کي درياھ جي ور نه چاڙھي ڇڏين.ان ڪري ايڏي وڏي ڪروڙن کان ويندي اڳتي اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سکر بئراج جو اشو خدشن جي ور چڙھيل هجيته ڪو سٺو سنوڻ ناهي.

ان ڪري سنڌ حڪومت،سنڌ جي وزير اعلي سيد مراد علي شاھ سميت چيف سيڪريٽري  سنڌ آصف حيدر شاه ۽ خود پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي قيادت ۽ مرڪزي قيادت جنهن جو سڌو سنئون واسطو سنڌ سان آھي ۽ سندن جو گهڻو تڻو گذارو سنڌ جي زراعت سان آھي کي کپي ته سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ (سکر بئراج ٽو) جوڙائڻ لاءِ ڪوشش ڪن.ههڙو وقت ۽ موقعو وري ڪڏهن ڪونه ملندو.مثال طور سنڌ جي سياست ۽ حڪومت تي مڪمل ڪنٽرول پيپلز پارٽي قيادت جو آھي،ملڪ جي وڏي ۽ اهم اهميت جي حامل عهدي تي سنڌ ڄائو آصف علي خان زرداري ويٺل آھي،جڏهن ته مرڪزي حڪومت جو اتحادي گهٽ پر حمايتي ليڊر پيپلز پارٽي نوجوان باول ڀٽو زرداري پڻ قومي سطح تي ڪردار ادا ڪري رهيو آھي.اهڙي طرح ئي سنڌ جي وڏ وزارت تي سيد مراد علي شاه آھي ته سندس گهر ڀاتيءَ جيان رشتيدار سيد آصف حيدر شاھ ويٺو آھي.ان حوالي سان جيڪڏهن سنڌ جي سرگرم وزير ۽ هر ميٽنگ ۾ ڪامورن کي سوال ڪري وضاحتون گهرندڙ وزير ڄام خان شورو آھي ته پوءِ نئين سکر بئراج ٺاهڻ مشڪل ڪم ڪونه آھي.هي قومي فرض جهڙو ڪم آھي جنهن لاءِ ظريف کيڙو جهڙي پراپر کاتي جي ٽيڪنيڪل سيڪريٽري جي ماتحتي ۾ ماهرن جي ٽيم جوڙي سروي ڪرائي نئين سکر بئراج ٺاهي وڃي ته ان کان ٻيو بهتر عمل ڪو ڪونهي،جنهن سان سنڌ جي زراعت بچائي سگهجي ۽ سنڌ جي عوامي جي خوشحاليء کي برقرار رکي سگهجي.موجوده سکر بئراج ايندڙ 10 کان 15 سالن اندڙ موسمياتي تبديلين سبب تيزي برساتي وهڪرن ۽ درياهي وهڪرن کي شايد برداشت نه ڪري سگهي.ممڪن آ ته نئين سکر بئراج به 15 کان 20 سال تعمير ۾ وٺندي.ان لاء ھيٺين سطح تي ۽ ادارتي سطح تي سيڪريٽري آبپاشي محمد ظريف کيڙو کي گهرجي ته هو خود به اداري جو ملازم هوندي ٽيڪنيڪل ماڻھون آھي سندس جي ٽيڪنيڪل ڪوششن کان ڪو انڪار ڪونهي ته هو پنهنجي ماتحتيءَ  ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرز کان سنڌ جي بئراجن سميت خصوصي طور سکر بئراج تي سروي رپورٽ ڪرائي بئراجز جي صورتحال قيادت سامهون آڻيندو ته سندس جي لاء تاريخ پنهنجي گنجائش ضرور رکندي.

ان سلسلي ۾ سکر ضلعي جي عوامي نمائيندن خاص طور نوجوان  سرگرم عوامي نمائيندي ٿوري وقت ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي آئيني عهدي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ ۽ خاص طور سکر بئراج جي نئي تعمير لاءِ ڪوشان سيد خورشيد شاهه جن کي کپي ته هو به سکر بئراج جي نئين تعمير سکر بئراج ٽو لاءِ ڪوشش ڪندا ته پڻ سنڌ جو عوام سندن لاء دعاڳو رهندو.ان لاء حڪومت کي کپي ته سنڌ سطح تي،ملڪي سطح سميت پرڏيهي ماهرن کي گهرائڻو پوي ته هو انهن کان سروس وٺي سنڌ جي آبپاشي نظام کي بچائن ته جيئن سنڌ جي زراعت جيڪا سنڌ جي جياپي جي نشاني آھي کي بچائي سگهجي.جيڪڏهن نه ته پوء تاريخ پنهنجو وقت جا فيصلا ۽ تعين واضع ضرور ڪندي آھي.ان کان علاوه پيپلز پارٽي قيادت کي اهڙو موقعو ٻيهر شايد مشڪل ملي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.