ڪياماڙي جي زمين تي قبضي خلاف مزاحمت ڪئي ويندي: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سول سوسائٽي، صحافين، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن فوج جي دفاعي صلاحيتن کي برقرار رکڻ لاءِ اداري کي آرمي ايڪٽ تحت فوج کي ڪاروبارکان پري رکڻ جي صلاح ڏني آهي، جڏهن ته شهيدن جي نالي تي ڪاروباري ڪمن لاءِ ڊي ايڇ اي سميت سمورا ان قسم جا ڌنڌا بند ڪري صدين کان آباد ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي بي دخل ڪري فوج  ۽ انهن جي وچ ۾ ٽڪراءَ واري پاليسي ختم ڪرڻ ۽ پلاٽن جي خريد ۽  وڪري جو ڪم بند ڪري سرحدن جي حفاظت واري فرض نڀائڻ جو مشورو ڏنو آهي.ان کانسواءِ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ سامونڊي ماحوليات کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ڊي ايڇ اي جي منصوبن ۾ تمر جي ٻيلن کي ڪٽي سمنڊ کي هٿرادو نموني پوئتي ڌڪڻ وارا عمل بند ڪيا وڃن، ڪالهه يونائيٽيڊ لائيرس فورم طرفان لائيرس ڪلب ۾ ڪياماڙي ٽائون ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي ) کي سنڌ حڪومت طرفان 5، 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جي فيصلي خلاف هڪ پرهجوم سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ فوجي رهائشي منصوبن جي نالي ۾ شاهراهه فيصل، راشد منهاس روڊ ۽ ٻين هنڌن تي غير قانوني اڏاوتون ڊاهيون وڃن، ڪاروبار ۽ آزاد پارليامينٽ ۽ سياسي جماعتن کي بليڪ ميلنگ ۽ پاڻ ۾ ويڙهائڻ خلاف سياست ۾ فوج جي شموليت کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ سياسي پارٽيون پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اهو به مطالبو ڪيو ويو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ فوجي هائوسنگ اسڪيمون جا منصوبا بند ڪيا وڃن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت  فوري طور تي  ڪياماڙي ٽائون جي ديهن جي زمين ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي، انهن زمينن تي مقامي آباديءَ جو پھرين حق کي تسليم ڪري ديھه الله ٻنو، ديھه ڇتارا ۽ ديھه ميندياري سميت سڀني مقامي آبادين کي پنھنجي گھرن جا رھائشي فارم 2 ۽ زمينن جا مالڪاڻا فارم 7 فوري طور جاري ڪري کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي، ان کانسواءِ صدين کان آباد ڪياماڙي جي مقامي رهاڪن کي بجلي، گيس ، روڊ، رستا ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي، فوج جي شهيد ٿيل جي وارثن کي سندن آبائي علائقن ۾ زمينون ۽ روڪ رقم ڏني وڃي، سيمينار جي موقعي تي سول سوسائٽي، صحافين، عورت جي حقن ۽  وڪيل اڳواڻن تقريرون ۽ قراردادون پيش ڪندي آرمي چيف سميت فوج جي پاليسي ساز اداري جي ايڇ ڪيو کان گھر ڪئي وئي ته اهي پنھنجي پاليسين تي نظرثاني ڪن ۽ پنھنجي سڀني ذيلي ادارن کي اھڙو ڪو به قدم کڻڻ کان منع ڪن جنھن سان عوام ۽ فوج جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌڻ لڳن. سيمينار ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه صدارتي تقرير ڪندي چيو ته جيڪڏهن مقامي آبادي جي حقن کي نظر اندازڪري ڪياماڙي ٽائون سميت ٻين هنڌن تان بي دخل ڪيو ويندو، انهن جي احتجاج کي اهميت نه ملندي، انهن جي زمينن تي قبضاگيري جاري رهندي ته پوءِ انهن لاءِ 14 آگسٽ جو ڏينهن سٺي يادگيري طور ياد نه رکيو ويندو، هن وقت به ملڪ ۾ ون يونٽ واري صورتحال آهي، گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج، ڪوٽڙي بئراج جي زمينن تي ٻاهران آيلن کي ته زمينن جا مالڪاڻه حق ملي ويا آهن پر ڪراچي جي مقامي آبادي کي اڃان تائين مالڪاڻا حق به نه مليا آهن ۽ انهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي جي 5 کان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف اسان صرف  عدالتن تي نھ ڀاڙينداسين پر سياسي طور تي گھڻ رخي تحريڪ ھلائي ان سازش کي ناڪام بنائينداسين. هن چيو تھ ڊي ايڇ اي پاران سنڌ حڪومت کان شھيد اھلڪارن جي نالي تي ڪراچي جي ضلعي ڪيماڙي ۾ 5 کان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سياسي طور تي گھڻ رخي عوامي مزاحمت اھڙي طرح ڪئي ويندي جيئن نوابشاھھ ۾ضلعي انتظاميا مقامي ماڻھن کي بي دخل ڪري ھزارين ايڪڙ زمين آصف زرداري جي نالي ڪئي پئي وڃي، جنھن کي ناڪام بڻايو ويو آھي. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فهيم الزمان چيو ته فوج 1950 ۾ ڪي ايم سي کان 600 ايڪڙ زمين گهري هئي، جنهن کي ان وقت رد ڪيو ويو هو پر بعد ۾ جڏهن هڪ برگيڊيئر چيئرمين بڻيو ته هن ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪئي، جنهن ڪري اتي رهندڙ قيوم آباد ۽ ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا، هن چيو ته 5، 6 هزار ايڪڙ زمين 2 ڪروڙ 90 لک 40 هزار وال ٿيندي ۽ هر ايڪڙ ڪروڙين روپين جو آهي، ڊي ايڇ اي سٽي جي ايريا ۾ 1968 ۾ جي نقشي ۾ آباد ڳوٺ موجود آهن، ڪوئيٽا ۾ به ڊي ايڇ اي لاءِ زمين گهري وئي هئي جيڪا بلوچستان ڪورٽ رد ڪئي ته سپريم ڪورٽ ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو، ڊي اي ايڇ جي الاٽمينٽ ۾ قاعدن قانونن کي پٺي ڏني وڃي ٿي، زم ذمه جي پوش علائقي ۾ پنڌ ويندڙن لاءِ فٽ پاٿ نه بچي آهي، ماڙي پور ۾ اڳئي لاشن کي غسل لاءِ پاڻي موجود نه آهي، اتي پاڻي جي لاءِ ٽينڪر نه پر سوزڪيون اينديون آهن. هن چيو ته پنڊي ۾ ويهي زمينن جي الاٽمينٽ جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، عشرت العباد دبئي ۾ پنهنجي ڌي جي شادي تي جيترو خرچ ڪيو ، ان کان ڪنهن به پڇيو ته هن ايترو پئسو ڪٿان آندو؟. ڊي ايڇ اي ڪراچي ۽ ڄامشورو جي سرڪاري عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري سپر هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي الاٽمينٽ ڪري رهي آهي، هن چيو ته انهن وٽ توپ آهي پر عوامي مزاحمت وسيلي سنڌ جون زمينون بچائي سگهجن ٿيون، اهو سنڌ ۾ رهندڙ سڀني جو گڏيل مسئلو آهي. پاڪستان ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار جي ميمبر اختر حسين وڪيل چيو ته ڪياماڙي جي ديهن تي قبضو ڪندڙن جو سڄي ملڪ تي قبضو ٿيل آهي، ڪراچي ۾ عدالت  ٻين غير قانوني اڏاوتن کي ته ڊاهيو پر شاهراه فيصل ۽ راشد منهاس روڊ تي فوجين جي غير قانوني زمينن تي اڏيل عمارتن کي هٿ به نه لاٿو، هي فوجي، جاگيرداري ۽ ڪاموراشاهي ڳٺ جوڙ ٿيل آهي. ريٽائرڊ جسٽس اڪرام انصاري چيو ته آئين ۽ قانون موجب ڪياماڙي جي ڳوٺن جي زمينن تي اتي سالن کان آباد ڳوٺاڻن جو پهريون حق آهي، جتان کين بيدخل ڪرڻ زيادتي آهي، سمورا ادارا ان بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪن، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ چيو ته ڪياماڙي جي زمينن تي قبضو ڪندڙن وٽ هٿيار آهن پر انهن جو مقابلو عوامي ٻڌي ۽ مزاحمت وسيلي ڪري سگهجي ٿو، جنرل ايوب خان جي دور ۾ به لياري جي ماڻهن کي بي دخل ڪري اتي چائنا ٽائون ٺاهڻ جي سازش ڪئي وئي هئي پر شديد عوامي مزاحمت ڪري فوجين کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو هو ۽ هاڻي به ڊي ايڇ اي کي ڪياماڙي ۾ زمينن ڏيڻ واري فيصلي خلاف وڏي عوامي تحريڪ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي باقي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به احتجاج ٿيڻ گهرجي ۽ هي جنگ هر حال ۾ کٽڻي پوندي، زمينن تي قبضا ڪندڙ اتي مقامي ماڻهن جون قبرون ڊاهي انهن جي سامهون عياشون ڪرڻ چاهين ٿا، اهي صرف هاڪس بي نه پر سموري ملڪ جا مالڪ ٿي رهيا آهن، سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته اسان وٽ پارليامينٽ، ميڊيا، ڪورٽ ۽ مزاحمتي قوتون وڪرو ٿي رهيون آهن، فوج اندر ڪاروبار ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، پارليامينٽ، سياسي تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪن. عورتن جي حقن جي اڳواڻ انيس هارون چيو ته مينگروز تمر جا ٻيلا ماحوليات جو اثاثو آهن، انهن کي ڪٽي سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ڊي ايڇ اي ٺاهڻ سان ماحولياتي تباهي ايندي، فوج وٽ ڪيترا شهيد آهن جن لاءِ هر روز زمين ورتي وڃي ٿي، ڇا هو مستقبل ۾ اڃان وڌيڪ شهيد ڪرائڻ چاهن ٿا، جڏهن هنن کي جنگ وڙهڻي پوي ٿي ته 90 هزار قيدي ڇڏي هٿيار ڦٽي ڪري اچن ٿا، جيڪڏهن فوج پنهنجي عزت برقرار رکڻ چاهي ٿي ته سرحدن تي هلي وڃي، جنهن ڪم جي پگهار کڻن ٿا اهو ڪم ڪن. روازني هلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ سماجي اڳواڻ يونس مهر چيو ته سنڌ پاڪستان کي ٺاهيو هو، ڊي ايڇ اي طرفان ڪياماڙي ٽائون زمين ڦٻائڻ خلاف ان جدوجهد کي سموري سنڌ کي ڪراچي سان جوڙڻو پوندو، ڊي ايڇ خلاف اسان کي آئيني قانوني رستا اختيار ڪرڻا پوندا، شهيد فوجين جي وارثن کي سندس اباڻي علائقن ۾ زمينون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي مظهر عباس، مشتاق ميراڻي، پروفيسر انعام ڀٽي، ڊاڪٽر علي احمد رند، انيس هارون، جڳديش آهوجا، عاقب راڄپر، لالا اصغر پٺاڻ، زبير ابڙو، عامر وڙائچ ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ اي اي ڪياماڙي ٽائون ۾ 5، 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي، فوج ڪارباري ڪم ڇڏي سرحدن جي حفاظت وارو ڪم سنڀالي.هنن چيو ته گڏيل قومون پاڪستان جي آئين ۽ قانون تحت ڪياماڙي سميت ڪنهن به زمين تي مقامي آبادي جو حق آهي، اهو حق تلف ڪرڻ سان حڪومت ۽ ادارن خلاف بد اعتمادي پيدا ٿيندي، اسان جي ادارن جي سربراهه کي ڀارت جي فوجي سربراهه کان سبق سکڻ گهرجي جنهن کي سواري لاءِ هڪ ٽيڪسي نما گاڏي ڏئي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته هو ملازم ۽ عوام جو خادم آهي، ان ڪري اسان جي ادارن کي عياشي لاءِ ڪاروباري رستا ڇڏي، ڊي ايڇ اي طرفان زمينن سميت سمورا ڪاربار بند ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.