ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي نمائندگي عوام نه پر خاندان ڪري رهيا آهن، ڪيتريون ئي تلخيون آهن پر اسان انهن کي پنهنجي دلين ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جناح اسپتال تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪري رهي آهي، اها ڊونرز جي پئسن تي هلي رهي آهي.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي دنيا جو خيرات جو مرڪز آهي، هي شهر سڄي ملڪ کي خيرات ڏئي رهيو آهي.هي شهر پنهنجي گهٽين، پاڻي، روڊن، تعليم ۽ اسپتالن لاءِ ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، حالت اها آهي جو اسان ٻڌائي به نٿا سگهون، تڏهن به سوچيون ٿا ته اسان آزاد آهيون.خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته نظام سڀ کان وڏو دشمن آهي، نظام جا محافظ ئي سڀ کان وڏا دشمن آهن، هن نظام کي ڊاهڻ جي ضرورت آهي، ان جو ڪو به رستو ناهي.هن چيو ته اسان جمهوريت کي بچائڻ لاءِ حڪومت جو حصو آهيون، اسان جو وفاق سان معاهدو آهي، وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي ذميواري پوري ڪري، هاڻي اسان کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو.