ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته خالد مقبول صديقي جو بيان حسد تي ٻڌل آهي، هن چيو ته جناح اسپتال ڪراچي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ ٽي وڏيون اسپتالون آهن، انهن اسپتالن کي باقاعده فنڊنگ ڏني ويندي آهي، سنڌ حڪومت هن وقت تائين انهن اسپتالن جي بهتري لاءِ 157 ارب کان وڌيڪ فنڊ جاري ڪري چڪي آهي، ڪورونا دوران جي پي ايم سي کي 10.4 ملين رپين جا فنڊ ڏنا ويا، خالد مقبول صديقي جو بيان حقيقت جي ابتڙ آهي. ٻي پاسي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي سمجهڻو پوندو ته ڪراچي جي ٺيڪيداري هاڻي سندن وس ۾ ناهي رهي.ايم ڪيو ايم کي واپارين ۽ قربانين جي کلن جي صورت ۾ مليل عطيو به ياد رکڻ گهرجي ته اهو توهان ڪٿي خرچ ڪيو، جڏهن ته اسپتالن جو عطيو عوام جي بهتري تي خرچ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته توهان پ پ حڪومت جي هر سٺي ڪم کي رد ڪندا آهيو پر ڪراچي اسان جي ڪم کي تسليم ڪري ٿو، جڏهن ته جيڪڏهن مخير حضرات جي پي ايم سي ۾ چندو ڏين ٿا ته اهو سندن سنڌ حڪومت تي اعتماد آهي.هن چيو ته توهان جي مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي.