ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مسلمان حڪمرانن جي بي حسي اسرائيل کي سهارو ڏنو آهي.
ڪراچي جي شاهراهه قائدين تي غزه مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرائيل بيگناهه فلسطينين کي قتل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته غزه تائين امداد پهچائڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن.
هن چيو ته آمريڪا ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان اسرائيل مخالف آهن. جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي خلاف سڄي ملڪ ۾ آواز اٿاريو آهي ۽ منظم تحريڪ کي اڳتي وڌايو ويندو.
حافظ نعيم الرحمان مطالبو ڪيو ته مڪي دفاعي ٺاهه ۾ ايران کي به شامل ڪيو وڃي.