اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کان خط لکرائيندڙ شخصيت بي نقاب

اسلام آباد/لاهور (معظم فخر) اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ جي 6 ججن جي خط واري معاملي بابت اهم راز فاش ٿيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته انهن ججز کي ادارن خلاف خط لکرائڻ واري شخصيت جو نالو سڀاڻي (سومر) تائين پڌرو ٿي ويندو. ان شخص جي گرفتاريءَ جي اعلان جو امڪان آهي. اهو به پتو پوندو ته اهو خط لکڻ بابت ڪٿي گڏجاڻي ٿي ۽ ان م ڪير ڪير موجود هئا ۽ وڊيو لنڪ تي ڪهڙو ماڻهو گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو. طاقتور ڌرين کي يقين آهي ته ان خط لکرائڻ ۾ پي ٽي آءِ ملوث آهي، ان کانسواءِ جنرل فيض حميد نيٽ ورڪ جي عدليه ۾ موجود ماڻهن کي به ظاهر ڪيو ويندو.  ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته فيض حميد نيٽ ورڪ جي گرفتار ماڻهن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته هنن ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيز  سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي هن وٽان هٿ ڪيل ڪروڙين رپيا ۽ سوين تولا سون ان شرط تي واپس ڪرڻ کي آڇ ڪئي هئي ته ان رقم جو 30 سيڪڙو اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار ادا ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.