برگيڊيئر(ر)واصف پاران فيض حميد جو ڪيس وڙهڻ کان انڪار

اسلام آباد(عمران شفقت)گرفتار ٿيل آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد جو فائل پڙهڻ کانپوءِ سندس وڪيل برگيڊيئر واصف ڪيس وڙهڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو، هن هٿ مٿي ڪندي چيو ته فيض حميد خلاف ثبوت پڪا آهن، مان کيس نٿو بچائي سگهان، ٻئي پاسي پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ کي تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي،پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ مداخلت ۽ عمران خان جي آزادي لاءِ لابنگ ڪرڻ جي الزامن تي برطانوي پرڏيهي وزارت جين ميريٽ جي حوالي سان پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ پنهنجي سفارتخاني کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.