ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جي اڳڪٿي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پاران رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ميئر ڪراچي بلديه عظميٰ ڪراچي جي ميونسپل سيورسز کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي سموري عملي جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون. مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ ايندڙ سڀ کان طاقتور چوماسي سسٽم ڪراچي ۾ برسات جو سبب بڻجندو. ياد رهي ته موسميات کاتي اڄ طاقتور چوماسي سسٽم سبب برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. هن سسٽم تحت سنڌ، اوڀر بلوچستان جي سمنڊ ۾ چاڙهه رهندو، مهاڻن کي 27 کان 30 آگسٽ تائين سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.