آمريڪي صدارتي چونڊ مهم: ڪملا هيرس کي ٽرمپ تي سرسي حاصل

واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار ڪملا هيرس کي ريپبلڪن جي ڊونلڊ ٽرمپ تي برتري  حاصل آهي.22 آگسٽ 2024 تائين ڪيل آمريڪا جي قومي سروي موجب ڪملا هيرس جي مقبوليت 48.4 سيڪڙو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي 45.3 سيڪڙو آهي. ان کان اڳ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نامزد صدارتي اميدوار ۽ آمريڪا جو موجوده صدر جو بائيڊن ۽ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف سروي ۾ هڪ ٻئي کان ٿورو اڳتي ٿيندا رهيا . ڪملا هيرس کي جوبائيڊن پاران هٿ کڻڻ کانپوءِ آمريڪي صدارت لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ڪملا هيرس ڪالهه باضابطا طور تي پارٽي طرفان صدارتي نامزدگي قبول ڪري ورتي آهي. پارٽي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪملا هيرس غزه جي صورتحال کي مڪمل تباهي قرار ڏنو.ڪملا هيرس چيو ته وائيٽ هائوس ۾ ٽرمپ جي واپسي جا نتيجا تمام خراب هوندا، وائيٽ هائوس ۾ ٽرمپ جو مدو ڏڦيڙ سان ڀريل هو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.