ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽن اڳواڻن سوڌو 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ فتني الخوارج جا 3 اهم اڳواڻ پڻ شامل آهن.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي.

ذريعن موجب ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان پرڏيهي ڪرنسي، وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.

You might also like