پي ٽي آءِ ايم اين اي حاجي امتياز چوڌري جا پراڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ميمبر حاجي امتياز چوڌري جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. پي ٽي آءِ ايم اين اي جا پراڊڪشن آرڊر سومر تي رٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ جاري ڪيا ويا.

  • سنڌ حڪومت ڪرپشن کي صنعت بڻائي ڇڏيو آهي: علي خورشيدي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪرپشن کي صنعت بڻائي ڇڏيو آهي، دنيا ۾ ترقي ٿئي ٿي ته ڪرپشن ٿئي ٿي پر جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪرپشن ڪرڻي هوندي آهي ته ترقياتي منصوبا آندا ويندا آهن. سنڌ حڪومت جي توانائي واري صوبائي  وزير ناصر حسين شاهه جي بيان تي ردعمل ڏيندي علي خورشيدي چيو ته هر سال قومي ۽ عالمي ادارن جي ڪرپشن بابت رپورٽن ۾ علي بابا چاليهه چورن جون ڪهاڻيون لکيون وينديون آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي جا وزير ۽ وڏيرا ايم ڪيو ايم خلاف سوچي سمجهي بيان ڏين، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جو شاهد صوبي جو تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر، صحت ۽ تعليم جو نظام آهي. هن چيو ته ناصر حسين شاهه ٻڌائي ته سنڌ حڪومت 15 سالن ۾ ڪراچي جي ڪيترن نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن، هر سال پاڪستان جي بجيٽ جو 70 سيڪڙو حصو ڏيندڙ ڪراچي تي سنڌ حڪومت ڪيترو خرچ ڪندي آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.