اسلام آباد (فخر دراني) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي جيل مان آزادي لاءِ آمريڪا ۽ برطانيا جا سفارتڪار سرگرم آهن. ٻنهي ملڪن جي وڌيڪ سرگرم هجڻ جو سبب اوورسيز پاڪستاني آهن. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ تازو سياستدانن سميت ٻين بااثر شخصيتن سان ملاقاتن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز سان گذريل هفتي مري ۾ ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر عمران خان جو معاملو به اٿاريو. برطانيا کي خدشو آهي ته عمران خان خلاف ڪو ايڪشن وٺڻ تي جيڪڏهن شدت پسندي ڪر کنيو ته ته ان جو اثر برطانيا تي به پوندو. ن ليگ جي ذريعن ملاقات ۾ اهڙي قسم جي ڳالهين جي ترديد ڪئي آهي.