اسلام آباد (معظم فخر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندڙ آئيني ترميمن جي پئڪيج جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي ججز آئيني پئڪيج جي راهه ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي طرف جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي حڪومت ڏانهن رخ رکي ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان سان پي ٽي آءِ جي اڳواڻن بئرسٽر گوهر، اسد قيصر، عمر ايوب ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اتحاد قائم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون پر مولانا فضل الرحمان ان تي خدشن جو اظهار ڪندي ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن حڪومت به پنهنجي سمورن اتحادي ميمبرن کي اڄ تائين اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن سومر تي قومي اسيمبليءَ جي اهم اجلاس ۾ سندن شموليت يقيني بڻائي سگهجي. نواز ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس به سومر تي سڏايو ويو آهي.