لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته چند ظالمن پاڪستان کي اصل منزل کان پري ڪري ڇڏيو آهي، منصوره ۾ آزادي جي ڏهاڙي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، معيشت تباهه ٿي وئي آهي، مهانگائي آهي، بجلي جو بم آهي، بيروزگاري آهي، عوام جو استحصال ڪيو پيو وڃي، حڪمران طبقو ڦرلٽ ۾ مصروف آهي، جنھن ڪري پاڪستان کي پوئتي وڃڻو پيو. هن چيو ته آمريڪا ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ اي آءِ جي مارڪيٽ ون پوائنٽ ٽي ٽريلين ٿي ويندي، ڊيٽا سينٽرز کي هلائڻ لاءِ بجلي جي پيداوار ڪيترائي ڀيرا وڌائڻي پوندي. ڇو ته انهن کي چائنا، جپان جهڙن ملڪن جا چئلينج آهن، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي آئي ٽي ۾ گهڻو اڳتي نڪري سگهن ٿا، ملڪ جا نوجوان ان ڪم ۾ گهڻو اڳتي نڪري سگهن ٿا.بدقسمتيءَ سان ليپ ٽاپ ورهائڻ کانسواءِ حڪمرانن جو ڪو به ويزن سامهون نٿو اچي. اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، يونيورسٽين جي تعليم خراب آهي، ماحوليات تي ڪو به ڌيان ناهي، ان موقعي تي جماعت اسلامي جو نائب امير لياقت بلوچ، سيڪريٽري جنرل امير العظيم، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري ۽ ٻيا به موجود هئا. ان کان اڳ امير جماعت اسلامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ دعا گهري.