فيض حميد خلاف جاچ ڪندڙ ايم آءِ سربراهه خلاف پي ٽي آءِ جي مهم،ملڪ رياض به ڏچي ۾

اسلام آباد(فخر دراني) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد خلاف انڪوائري ڪندڙ جنرل خلاف پي ٽي آءِ پاران پروپيگنڊا مهم جو انڪشاف،فيض حميد خلاف رڳو ٽاپ سٽي هائوسنگ اسڪينڊل نه پر ٻيا ڪرپشن ڪيس به سامهون اچڻ وارا،ملڪ رياض جو گهيرو به تنگ تفصيل موجب جنرل فيض حميد سان گڏ گرفتار ٿيلن جو انگ 52 ٻڌايو ويو آهي پر ذريعن موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي مان 34 ڄڻا گرفتار ٿيا آهن،فيض حميد خلاف ٽاپ سٽي جي انڪوائري جو معاملو ايم آءِ(ملٽري انٽيليجنس) جي سربراهه جنرل واجد عزيز وٽ آيو،اها جاچ مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ڏانهن جيئن ئي وڌي ته پي ٽي آءِ جي ٻاهرين ملڪ ويٺل اڳواڻ شهزاد اڪبر جون جي مهيني ۾ جنرل واجد عزيز خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي،وي لاگ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي اها مهم هلائي وئي ته پي ٽي آءِ خلاف انتقامي ڪاررواين ۾ آءِ ايس آءِ نه پر ايم آءِ جي سربراهه جنرل واجد عزيز جو هٿ آهي،عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کانپوءِ شهزاد اڪبر ئي فيض حميد جي گهڻو ويجهو هو،جڏهن ته شهباز گل ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ٻاهرين ملڪ فرار ڪرائڻ ۾ فيض حميد جو ئي هٿ هو، فيض حميد جي چوڻ تي پي ٽي آءِ جنرل واجد عزيز خلاف مهم هلائي، فيض حميد خلاف انڪوائري جنرل واجد عزيز 4 آگسٽ تي مڪمل ڪري آرمي چيف جنرل عاصم منير جي حوالي ڪري ڇڏي هئي،جڏهن ته فيض حميد خلاف ڪرپشن جا ٻيا معاملا سامهون اچي رهيا آهن،انهن ۾ هڪ ڊي ٽي ايڇ اسڪينڊل شامل آهي، ڊي ٽي ايڇ پيمرا پاران شروع ڪيو ويو ان ۾ جنرل فيض حميد پنهنجي مرضي جي ماڻهن کي لائسنس ڏيارڻ لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪيو جنهن سان اربين رپين جي ٻولي لڳڻ باوجود ٽي وي چئنلن کي ڪيبل نيٽ ورڪ کان ڊي ٽي ايڇ تي منتقل ڪرڻ جو پراجيڪٽ مڪمل نه ٿي سگهيو،جڏهن ته ڪور ڪمانڊر پشاور طور فيض حميد جي ڊي ايڇ اي جي معاملن ۾ به ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي،اهي انڪوائريون به جلد شروع ٿيڻ واريون آهن، ان کان علاوه راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ هائوسنگ سوسائٽين جا مالڪ به فيض حميد خلاف جاچ جون درخواستون ڏيڻ وارا آهن، ان کان علاوه اربين رپين جي اين سي اسڪينڊل جنهن ۾ ملڪ رياض جو اهم ڪردار آهي اها ڊيل ڪرائڻ ۾ به فيض حميد ملوث نڪتو آهي،ذريعن موجب فيض حميد سان گڏ گرفتار ٿيل 34 ماڻهو يونيفارم وارا ماڻهو آهن جيڪي فيض حميد سان گڏ ڪم ڪندا هئا، ان کان علاوه مختلف شهرن ۾ جيڪي گرفتاريون ٿيون آهن اهو انگ ٿي سگهي ٿو ته 52 هجي،ايندڙ ڏينهن ۾ فيض حميد سان تعلق رکندڙ سياستدانن،ادارن ۾ ويٺل حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ماڻهن جي گرفتارين جو به امڪان آهي،پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ به گرفتار ٿي سگهن ٿا،مراد سعيد جي روپوشي ۾ به فيض حميد جو هٿ هو، فيض حميد کان جاچ کانپوءِ عمران خان جو ملٽري ٽرائل به پٿر تي لڪير بڻجي ويو آهي،ذريعن موجب ملڪ رياض خلاف به ايندڙ ڏينهن ۾ ڪارروايون ٿينديون،تازو نيب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ بحريا انڪليو تي جيڪي چڙهايون ڪيون هيون انهن ۾ ملڪ رياض خلاف اهم رڪارڊ ۽ ڊيٽا هٿ اچي وئي آهي،ان نيٽ ورڪ ۾ فيض حميد،ملڪ رياض،عمران خان،بشريٰ بي بي، سرڪاري ادارن جا ماڻهو، ڪاروباري برادري جون شخصيتون  شامل هيون جن پوري پاڪستان ۾ ڏيڍ سال کان انتشار پکيڙي رکيو هو، ايندڙ ڏينهن ۾ سخت ترين قدم کڻي  وڏن ماڻهن جي گرفتارين جو به امڪان آهي.

حڪومت پاران آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (نجم سيٺي) آرمي چيف جنرل عاصم منير آئين موجب 64 سالن تائين پنهنجي عهدي تي رهي سگهي ٿو، سندس مدي ۾ واڌ بابت هاڻي کان ئي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. پي ٽي آءِ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي حمايت لاءِ تياري ڪري رهي آهي. ان لاءِ پي ٽي آءِ مٿس تنقيد بند ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب به بيان ڏنو آهي ته ان ڳالهه جو فيصلو وقت اچڻ تي ڪيو ويندو. موجوده حالتن مان لڳي رهيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير کي مدي ۾ واڌ ملي ويندي  پر سوال اهو آهي ته هو مدي ۾ واڌ گهرندو؟ پر لڳي ٿو ته هو گهرندو نه پر سندس مدو وڌايو ويندو. حڪومت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ کي به اهڙي آڇ ڪري چڪي آهي. حڪومت ان لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري ڪامورن جي نوڪري جي مدي ۾ 2 سال واڌ ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن سان پاڻ ئي سندس مدو وڌي ويندو. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڏين تبديلين جو امڪان آهي. موجوده اسٽيبلشمنٽ عمران خان سان ڊيل ڪري کيس ٻاهر وڃڻ نه ڏيندي. ڇو ته عمران خان ٻاهر ويهي ماڻهن جو طوفان گڏ ڪري حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ مسئلا پئدا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن عمران خان کي جلاوطن ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويندي ته هو ٻاهر هليو ويندو. باقي جيڪڏهن عوام جي طاقت اسٽيبلشمنٽ کي مجبور ڪري ته پوءِ اها عمران خان کي آزاد ڪري سگهي ٿي،جڏهن ته ن ليگ ،اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي جهيڙي ۾ پ پ آرام سان ڪنڊ وٺي ويٺل آهي،پ پ مستقبل ۾ پنهنجي لاءِ رستو بڻائي رهي آهي.

فيض حميد سان گڏ ٻين ڪردارن کي به پڪڙيو وڃي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته فيض حميد سان گڏ ٻين ڪردارن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا محمد آصف چيو ته 9  مئي واقعي ۾ فيض حميد جو به ڪردار آهي.پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪور ڪمانڊر هائوس پهتا، شهيدن  جي مجسمن کي مسمار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ وارن کي حساس هنڌن جو ڏس فيض حميد ئي ڏنو هوندو. حساس هنڌن جي سڃاڻپ ۽ رهنمائي ۾ جنرل فيض جو ئي ڪردار هوندو. خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي اڄ به شهيدن جي توهين پئي ڪري. هن چيو ته نواز شريف خلاف سازش ٿي، نواز شريف جي ٽي ڀيرا حڪومت ڪيرائي وئي. خواجا آصف چيو ته سوشل ميڊيا جي بي لگام طاقت کي ترتيب ۾ آندو پيو وڃي پر اهو ڪنهن جي آزادي کسڻ لاءِ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته عمران جي وفاداري پنهنجي ذات تائين محدود آهي، هن وقت ته هو جنرل فيض کي سڃاڻڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندو.

ٽاپ سٽي جي اربين رپين جي زمين تي فيض حميد جون لالچي نظرون هيون

اسلام آباد(منصور علي خان)فيض حميد جنهن ٽاپ سٽي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو آهي ان سوسائٽي جي اصل مالڪياڻي زاهد جاويد برطانيا ۾ رهي ٿي ، جنهن کي آءِ ايس آءِ جي آفيسرن رابطو ڪري چيو ته توهان جي سوسائٽي ۾ دهشت گردن جي ٽريننگ هلي رهي آهي جنهن تي زاهد جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي، منهنجي سوسائٽي تي رکيل ملازم ڪنور  معيز قبضو ڪري ورتو آهي، آءِ ايس آءِ جي آفيسرن زاهده جاويد کي پاڪستان گهرايو جتي هن جي ملاقات تڏهوڪي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد سان ڪرائي وئي، اڌ ڪلاڪ جي ملاقات ۾ هڪ موقعي تي جنرل فيض زاهده جاويد کي چوي ٿو ته جيڪڏهن اها سوسائٽي اسان کي ملي وڃي ته؟ ڪو اعتراض ته ناهي؟ زاهده جاويد چيو ته مان هاڻي اچي وئي آهيان، سوسائٽي ڪنهن کي به نه ڏيندس،معاملو سپريم ڪورٽ پهتو، زاهده جاويد اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، ثاقب نثار ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ ڪنور معيز کي به طلب ڪيو، هن بشير ميمڻ کي حڪم ڏنو ته عورت جي سوسائٽي تي جعلي ڪاغذن ذريعي قبضو ڪندڙ ڪنور معيز کي گرفتار ڪيو،بعد ۾ ايف آءِ اي جاچ رپورٽ ۾ زمين جي مالڪي تڪڙ ۾ تبديل ڪرڻ جي رپورٽ ڏني وئي پر ثاقب نثار پراسرار طور ڪارروائي روڪرائي ڇڏي، زاهده جاويد ٻڌايو ته ڪنور معيز ۽ جنرل فيض وچ ۾ ڊيل ٿي وئي هئي، اسلام آباد ۾ نئون ايئرپورٽ ٺهڻ کانپوءِ ان سوسائٽي جي پلاٽن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا

عمران حامي ججن کي به پيغام ملي ويو

لاهور(معظم فخر) آرمي چيف جو ڪالهه رات وارو خطاب سخت ترين هو،ان تقرير ۾ هڪ جنگجو وارو لجهو هو، ”ماري ڇڏيو يا مري وڃو“ واري صورتحال پيدا ٿي وئي،جنگ جو طبل وڃي چڪو، ايندڙ ڏينهن  وڌيڪ هنگاما خيز ثابت ٿيندا،ڊجيٽل دهشت گردي ۾ ملوث عنصرن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ٿيڻ وارو آهي،رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪندڙن کي ذليل ڪرڻ جو پروگرام تيار ٿي ويو آهي،جڏهن ته عدليه ۾ به اها ڳالهه پکڙجي وئي آهي ته هاڻي عمران خان جي پٺڀرائي بند ڪرڻي پوندي،تازو 9 مئي ڪيس  ۾ عمران خان لاهور کان اڊيالا پهچندڙ جاچ ٽيم جي سخت بي عزتي ڪندي پولي گرافڪ(سچ ۽ ڪوڙ پڪڙيندڙ مشين)وائيس ميچنگ ٽيسٽ ۽ فوٽوگرافڪ ٽيسٽ کان انڪار ڪندي چيو ته مون کان ٽيسٽ کان پهرين اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرايو،اهي ٽيسٽ منهنجي وڪيلن جي موجودگي ۾ ٿيندا، جنهن بعد جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم  دهشت گردي ٽوڙ عدالت لاهور جي جج وٽ پهچي درخواست ڪئي ته اسان کي عمران خان کان فوٽوگرافڪ ٽيسٽ جي اجازت ڏيو جنهن تي جج هٿ مٿي ڪري چيو ته مان انهن درخواستن جي ٻڌڻي نه ڪندس، منهنجو مخلصاڻو مشورو آهي ته توهان سپريم ڪورٽ ۾ وڃو.

جنرل باجوا جي گرفتاري جا اطلاع ڪوڙا،دبئي ۾ ويٺل

لاهور(امداد سومرو) فيض حميد کانپوءِ جنرل قمر جاويد باجوا جي گرفتاري جون ڳالهيون،اڳوڻو آرمي چيف احتساب کان بچڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو؟ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ به چاهي ٿي ته جنرل(ر) باجوا جو ڪورٽ مارشل ٿئي،ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جنرل باجوا هن وقت دبئي ۾ ويٺل آهي، گرفتار نه ٿيڻ جي خاطري ته ملڪ واپس موٽندو نه ته ٻاهرين ملڪ ئي ويٺل رهندو،فيض حميد پڪڙجڻ بعد  اهو هُل متل هو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار به ملڪ ڇڏي ويو آهي پر هڪ صحافي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان ٻاهرين ملڪ  ۾ آهيان،پاڪستان واپس ضرور موٽندس،هن وقت هڪ ڪتاب لکي رهيو آهيان، بعد ۾ خبر هلي ته جنرل(ر) باجوا به ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو آهي،اڳوڻو آرمي چيف هڪ ڪوڙي ماڻهو طور مشهور آهي، عمران خان فيض حميد کان لاتعلقي بعد باجوا جي ڪورٽ مارشل جو مطالبو ڪيو آهي، باجوا آخري وقت تائين عمران خان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو،هن جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻجڻ کان روڪڻ جون به ڪوششون ڪيون،فيض حميد سان گڏ گرفتار ٿيلن ۾ ٻه برگيڊيئر به شامل آهن جن ۾ هڪ حاضر سروس برگيڊيئر به شامل آهي،ان کان علاوه مشهور زمانه ڪرنل لياقت به شامل آهي جيڪو عمران خان جي دور ۾ پارليامينٽ کي هلائيندو هو،

جنرل(ر) ظهير الاسلام کي گرفتار ناهي ڪيو ويو

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)فيض حميد جي گرفتاري تي آمريڪا ۽ ڀارت جي ميڊيا ۾ تبصرا هلي رهيا آهن،عالمي ميڊيا فيض حميد کي طالبان کي آڻڻ ۽ آمريڪا کي شڪست جو ذميوار قرار ڏئي رهي آهي،ڪابل ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير طالبان سان ڳالهين جو شروع اکن ئي خلاف هو، هڪ عسڪري ذريعي ٻڌايو ته فيض حميد کي وڌ کان وڌ سزا ملڻ جو امڪان آهي،آءِ ايس آءِ جي هڪ ٻئي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر)ظهيرالاسلام جي گرفتاري جا اطلاع ڪوڙا نڪتا، نوازشريف جي مخالف جنرل ظهير کي 2014ع جي ڌرڻي جو آرڪيٽڪٽ قرار ڏنو ويو هو،

فيض حميد جي ويجهو رهندڙ حاضر سروس برگيڊيئر به گرفتار

اسلام آباد(عمران شفقت)فيض حميد ڪيس ۾ چڪلاله ۾ مقرر هڪ حاضر سروس برگيڊيئر ۽ آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سيڪٽر ڪمانڊر ڪرنل لياقت گرفتار ٿيل آهن،هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر به حراست ۾ ورتل آهي جڏهن ته رٽائرڊ فوجي آفيسرن جو  به وڏو انگ جاچ  ۾ ورتل آهي،9 مئي واقعن ۾ انهن جو  وڏو ڪردار آهي، عمران حامي جج به نشاني تي اچي ويا آهن،ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايس پي آر پاران پريس رليز جاري ڪئي ويندي ته هيترن آفيسرن کي انضباطي ڪارروائي ۾ هٽايو ويو آهي،ذريعن موجب فيض حميد کي جنهن هنڌ تي رکيو ويو آهي اها ڪا ”سٺي“ جاءِ ناهي،هن سان ٿرڊ ڊگري وارو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي،برگيڊيئر ۽ ڪرنل سطح جا آفيسر هن کان جاچ ڪري رهيا آهن،فوج ۾ ايس آءِ بي موت جا فرشتا سمجهيا ويندا آهن،فيض حميد کان اڃا تائين ايس آءِ بي پاران جاچ جي نوبت ناهي آئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.