ميرپورخاص ڀرسان هٿياربندن پيرسن ڀوپي کي هٿوڙا هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)  ميرپورخاص ميرواھه گورچاڻي روڊ تي عابدين پيٽرل پمپ جي پويان خالي پلاٽ ۾ نامعلوم جوابدارن سمن ڳوٺ لڳ ستين واٽر جي رھواسي 50 ورھين جي ڀوپي نانچي ڪولھي ھٿوڙن جا وار ڪري کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا نامعلوم شخص جي تشدد ٿيل لاش خالي پلاٽ ۾ ڏسي ڳوٺاڻن حد جي تعلقا ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ تي پوليس واقعي واري ھند پھچي قتل ۾ استعمال ٿيل ھٿوڙو ۽ ڀوپي جي لاش تحويل ۾ وٺي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال پھچايو جتي پوسٽ مارٽم لاءِ  ڊاڪٽر ۽ عملو موجود نه ھجڻ سبب لاش ڇار ڪلاڪ تائين مرده خاني ۾ پيل رھيو، وارث ۽ پوليس ڊاڪٽر ۽ عملي جو انتظار ڪندا رھيا چئن ڪلاڪن بعد لاش جو پوسٽ ٿيڻ بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو وارثن موجب مقتول اڱاري جي ڏينهن شام مھل گھران نڪتو ھو ، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون جڏھن ته وارث ڪيس داخل ڪراڻ لاءِ نه پھتا آھن وارثن جي اچڻ شرط ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.