جيڪب آباد( ن ع آ ) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لکمير بروهي ۾ پٺاڻ ۽ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سلطانه بخت گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته محمد اقبال، علي رضا ۽ محمد صلاح مرڻينگ ٿي پيا آهن وارثن پاران زخمين کي موٽرسائيڪل تي کڻائي سول اسپتال آندو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش ايمبولينس تي کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو زخمين ٿيل ٽنهي ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي اسپتال ۾ موجود بروهي برادري جي ماڻھن جو چوڻ آهي ته پٺاڻ برادري جي جوابدارن عبدالله پٺاڻ راشد پٺاڻ شعيب پٺاڻ ممتاز پٺاڻ سجاد پٺاڻ امتياز محمد علي عالم سرور نور احمد اسان جي زمين تي قبضو ڪري رھيا ھئا روڪڻ تان اسان مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي آهي جڏهن ته اسان جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته پٺاڻ ۽ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو آهي جهيڙي دوران وچ ۾ ڇڏائڻ لاءِ ايندڙ عورت گولي لڳڻ سبب مارجي وئي 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن پوليس موجب ته ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو .