حيدرآباد ۾ موٽرسائيڪل ٽڪرائجڻ تان جهيڙو، نوجوان قتل

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ لبرٽي چوڪ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان محمد عاطف راجپوت کي قتل ڪري ڇڏيو. عاطف ۽ سندس دوست شاهزيب موٽرسائيڪل تي سوار هئا. سندن موٽرسائيڪل اڳيان ويندڙ ٻئي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ٻنهي موٽرسائيڪلن تي سوار نوجوانن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي. ان دوران ٻي موٽرسائيڪل تي سوار نوجوانن فائر ڪيا جنهن سبب هيرآباد جو رهواسي 25 ورهين جو عاطف پٽ عبدالطيف راجپوت ۽ شاهزيب پٽ زاهد زخمي ٿي پيا.

زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عاطف زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.