منارٽي رائٽس مارچ روڪڻ لاءِ انتهاپسند مذهبي تنظيم جو دٻاءُ

ڪراچي: منارٽي رائٽس مارچ جي پروگرام کي روڪڻ لاءِ هڪ انتها پسند مذهبي تنظيم طرفان پروگرام واري جاءِ تي مارچ ڪرڻ جياعلان بعد فريئر هال جي چوطرف پوليس جو ڪڙو چاڙهيو ويو، فريئر هال طرف ويندڙ فاطمه جناح روڊ ۽ عبدالله هارون روڊ کي مڪمل طور بند ڪيو ويو،جنهن ڪري پروگرام۾ ايندڙ گاڏين کي رستن تي روڪي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي گاڏين بيهاري پنڌ وڃڻ جي اجازت ڏني، تنهن باوجود به سوين اقليتن جي نمائندن، شهرين ،سول سوسائٽي سان لاڳاپيل شهرين شرڪت ڪئي، جڏهن ته  انتها پسندن طرفان مظاهرو ڪري پروگرام طرف اچڻ جي پيغام تي پروگرام جي آخر ۾ هولي واري ناچ کي مختصر ڪري پروگرام ختم ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.