غير مسلم وزيراعظم ۽ صدر ٿيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي: ساڃاهه وند

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) سول سوسائٽي، غيرمسلم اڳواڻن، عورتن، شاگردن ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ تي قانون ساز اسيمبلي ۾ مذهبي سڃاڻپ کان بغير رياستي سڃاڻپ رکڻ واري پاليسي سازڪيل تقرير جي روشني ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ جي باني جناح جي 11 آگسٽ جي تقرير مٿان مڪمل طور بندش ختم ڪري ان کي  اسڪول، ڪاليج ، يونيورسٽي سطح جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، غير مسلم شهرين کي برابري جو حق ڏيڻ لاءِ ملڪ جو وزيراعظم ۽ صدر ٿيڻ لاءِ ملڪ جي آئين جي شقن ۾ اڻ برابري واري شقن ۾ تبديلي آندي وڃي، آئين ۾ باقي مليل غيرمسلمن جا حق لاڳو ڪيا وڃن، جبري مذهب جي تبديلي کي روڪڻ لاءِ سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ قانون سازي ڪئي وڃي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نصاب مان اقليتن خلاف نفرت وارا سبق هٽائي انهن کي نئين سر ترتيب ڏنو وڃي، اقليتن جي مذهبي ۽ ذاتي ملڪيتن، عبادت گاهن مٿان ٿيل قبضا ختم ڪرايا وڃن، بائيبل، گيتا، چرچ يا مندر ساڙيندڙن مٿان به مذهب جي توهين جا ڪيس داخل ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن. اها ڳالهه ڪالهه فريئير هال جي باغ ۾ منارٽي رائٽس مارچ طرفان 11 آگسٽ غيرمسلمن جي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ٿيل پروگرام ۾ تقريرون ڪندي چئي وئي. ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڳالهائيندي چيو ته غيرمسلم  شهري جيڪي به مطالبا ڪري رهيا آهن، انهن جي حقن کي ملڪ جي آئين ۾ تسليم ڪيو ويو آهي، مذهب جي جبري تبديلي وارو عمل آئين ۾ لکيل نه آهي، هاڻي اها حڪومت جي ذميواري آهي ته آئين ۾ موجود غيرملسمن جا حق لاڳو ڪري، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت ملڪ جا سمورا شهري برابري جي حيشيت رکن ٿا ۽ عدالتون جو وهنوار به آئين مطابق هلي ٿو، جيڪڏهن غيرمسلمن کي پنهنجي حقن کان محروم ڪيو وڃي ٿوانهن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ  اهي عدالتن ۾ وڃي سگهن ٿا، مان کي هن پروگرام شريڪ ٿيلن جو جذبوڏسي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته اهڙي قسم جي ايندڙ پروگرام تائين سندن رهيل مطالبا به پورا ٿي ويندا.سول سوسائٽي جي اڳواڻ شيما ڪرماڻي چيو ته ملڪ جي آئين ۽ قانون  کي جناح جي 11 آگسٽ جي تقرير جي روشني ۾ نئين سر ترتيب ڏئي ان ۾ مسلم ۽ غير مسلم جي ورهاست جو خاتمو ڪري ملڪ جي خدمت ۽ انصاف جي حاصلات ۾سڀني شهرين کي برابر سمجهيو وڃي، مذهب جي تبديلي واري رجحان کي ختم ڪري غيرمسلم دشمن قانونن ۽ سماجي روين جو خاتمو آندو وڃي. ڪرسچن اڳواڻ غزاله شفيق چيو ته غيرمسلمن جو ڏينهن  ملهائڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ انتها پسند تنظيم طرفان وڏو دٻاءُ  ويو پراسان کي وفاق،بلاول ڀٽو، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو ڀرپور سهڪار رهيو، ان ۾ سنڌ پوليس، ميئر ڪراچي ۽ رينجرز پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو،اسان مطالبو ڪيو ٿا ته بائيبل،چرچ، مندر ۽ گيتا ساڙيندڙن مٿان به مذهبي توهين جا ڪيس داخل ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن،رياستي سطح تي معاشري اندر مذهبي رواداري جوماحول پيدا ڪرڻ لاءِ غيرمسلمن کي غير محفوظ رکندڙ قانونن ۽ روين جو خاتمو آندو وڃي.، جيئن ڪنهن شمع کي ان جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار سميت نه ساڙيو وڃي، ڪامريڊ لالي چيو ته ٿر ۽ ٻين علائقن ۾ ڪولهين،ڀيلن ۽ ٻين ڪمزور ذاتين جي نوجوان ڇوڪرين کي وڏيرا ڏنل قرض جي عيوض کڻي زبردستي مسلمان ڪري انهن سان شاديون ڪري کين پنهنجي مائٽن سان ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي، جن جو آواز اسيمبلين ۾ ويٺل اقليتي شاهوڪار نه ٿا اٿارن. ڊاڪٽر شرمن ڪمار چيو ته سنڌ جي مذهب ۽ سياست جو بنياد روادري تي ٻڌل آهي، هتي مذهبي انتها پسندي جي پيدا ڪيل وجود پويان رياستي ڍانچي جو جڙيل هٿ آهي، نصاب ۾ غير مسلم شهرين خلاف نفرت انگيز مواد موجود آهي جنهن کي تبديل ڪري  غير جانبدار بنايو وڃي.سنڌ  شاهه لطيف، سچل، روحل فقير، ڀڳت ڪنور رام جي ڌرتي آهي ۽ هميشه رهندي. وجئه ڪمار چيو ته آئين جي شق 41 ۽ 19 سي موجب ملڪ جو غير مسلم شهري وزيراعظم ۽ صدر نه ٿو ٿي سگهي، ان ڪري جناح جي 11 آگسٽ جي نئين ملڪ جي پاليسي ساز تقرير موجب آئين کي انساني ۽ شهري حقن جي بنياد تي تبديل ڪيو وڃي، جناح ته پنهنجي ملڪ جو ترانو هڪ غير مسلم کان لکرايو هو.پروگرام ۾ نرس اڳواڻ مرثي، نجمه مهيشوري، ونيش،ارجن باگڙي،  نريش، سردار سنگهه ۽ ٻين چيو ته زبردستي مذهب جي تبديلي خلاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪئي وڃي،ملڪ جي آئين کي جناح جي فڪر ۽ عالمي انساني حقن جي چارٽر مطابق ٺاهيو وڃي، ملڪ مان مذهبي اڪثريت ۽ اقليت جي لفظن جو خاتمو آندو وڃي، جن کي خود عربيءَ ۾لکيل ڪلمو پڙهڻ نه ٿو اچي اهي ڪلمو نه سمجهندڙ نينگرين کي ڪلمو ٻڌائي مسلمان ڪن ٿا، انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين سياسي پارٽين مان به نيڪالي ڏني وڃي. پروگرام ۾ جڙيا والا، شانتي، گوجرهه ۽ لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيل گرجا گهرن، مندرن مٿان ٿيل حملن جي مذمت ڪندي شمع، شهزاد، سلمان تاثير، شهباز ڀٽي ، آسيه بي بي جي قتل تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي انهن خلاف رياستي قدمن نه کڻڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو تقريب ۾ توهين رسالت جي ڪوڙن واقعن تي ٽيبلو، پيش ڪيو، جڏهن ته ڀڳت ڀرا لعل ۽ مائي ڌائي پنهنجا گيت پيش ڪري داد حاصل ڪيو، آخر ۾ مذهبي نفرت جي پتلي مٿان بيهي ۽ نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن، عورتن، ٻارن هڪٻئي مٿان رنگ هڻي هولي ملهائي وئي.دهلن سان ڏوڪلا ناچ به ڪيوويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.