اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات پات ۽ نسل جي تفريق کانسواءِ آزادي سان زندگي گذارڻ جو حق آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي اعتراف ۾ ملهايو پيو وڃي، اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ لاءِ قائد اعظم جي 11 آگسٽ 1947ع تي ڪيل واعدي تي قائم رهنداسين، اقليتن کي ملڪ جي آئين ۾ تحفظ لاءِ سمورن سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏني وئي. پاڪستان جي صدر چيو ته اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور تسليم ڪري ٿو، اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مختص ڪئي آهي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ اقليتن لاءِ سيٽون مخصوص آهن، اقليتي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ ، عبادت جي جڳهن جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، هر پاڪستاني کي مذهب، ذات پات، رنگ ۽ نسل جي تفريق کانسواءِ جيئڻ جو حق حاصل آهي، هر پاڪستاني کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حق آهي. هن جو ايمان حاصل ڪيو. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪندو ۽ کين اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا ڏيندو، کيس يقين آهي ته پاڪستان جون اقليتون ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو اقليتن جي حقن، ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ واري بنيادي اصولن تي ڪڏهن به سودو نه ڪندا. اقليتن جي قومي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اقليتن جي حقن جي تحفظ، ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن، پيپلز پارٽي اقليتن جي حقن لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، 1973ع جو آئين قائد عوام شهيد ڀٽو جو سياسي بصيرت جو چٽو ثبوت آهي.