سنڌ ۾ غيرمسلم سڀ کان وڌيڪ محفوظ آهن:مراد شاهه

ڪراچي ( رپورٽر ) اقليتن جي قومي ڏينهن تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه غير مسلم برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هتي اقليتن کي سڀ کان وڌيڪ محفوظ آهن. هڪ بيان ۾  مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اقليتن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڀرپور نمائندگي ڏني آهي. هن چيو ته اقليتن سنڌ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. مراد علي شاهه اهو به چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي اقليت ۽ اڪثريت جو ڪو به فرق ناهي. ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري اقليتن جي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتون ترقي جي سفر ۾ گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مذهبي ۽ سماجي آزادي حاصل آهي، اقليتي برادري کي قانون ساز ادارن ۾ به نمائندگي حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.