اي جي پي پاران وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڊجيٽل آدم شماري خلاف تحريڪ جو اعلان

حيدرآباد( رپورٽر ) عوامي جمهوري پارٽي سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڪارونجهر جي ڪٽائي، تعليم جي تباھي، ڊجيٽل آدمشماري ۽ منشيات  خلاف مٿين مھيني کان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي ڊجيٽل آدمشماري بابت سانا ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آھي. اھڙو فيصلو عوامي جمهوري پارٽيءَ جي مرڪزي سينٽرل ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو، جنھن جي صدارت صدر سائين خادم ٽالپر ڪئي. اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ لال شاھ، جوائنٽ سيڪريٽري پرويز ابڙو، ڊاڪٽر سراج سيال، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، حريف چانڊيو، ڊاڪٽر دين محمد، لال محمد چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو، انور علي چنا، جمن تنيو، گلاب راءِ، نازيا ڀٽي، آزاد جوڻيجو، شير چانڊيو، ڪنور پرمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر سائين خادم ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ منشيات جو سرعام وڪرو بند ڪيو وڃي، جنھن سان نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي. ان لاءِ سيپٽمبر ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ھن چيو ته اي جي پي موجوده آدمشماري کي رد ڪري ٿي، ان لاءِ سانا جي 18 آگسٽ تي ڪراچيءَ ۾ گھرايل اي پي سي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي. ھن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي کي ڪنھن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ان لاءِ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف ھڪ مڪمل تحريڪ شروع ڪري رھيا آھيو، سنڌ جو عوام ساٿ ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.