مانجهند ( ن ع آ ) سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾فصل ۾ ٻڪريون گهڙڻ تان جوابدار رمضان ڇڇر بندوق سان فائر ڪري 48 ورهين جي ڌنار الله بخش ڇڇر کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال کڻائي ويا جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جي لاش کي پوسٽ مارٽم لا۽ تعلقه اسپتال مانجهند آندو ويو وڏا ڇڇر ايٽ سن پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.