ڪجهه ججن ۽ جنرلن ملڪ مٿان هڪ اناڙي شخص مڙهيو: احسن اقبال

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته چند جنرلن ۽ ججن پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي چوڻ تي  ملڪ تي هڪ اناڙي شخص کي مسلط ڪيو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستاني مصنوعات کي عالمي معيار جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرائڻو  پوندو، مختلف صوبن جي واپارين کي نمائندگي جو موقعو ڏنو ويندو.هن چيو ته ارشد نديم ثابت ڪيو ته ڪاميابي جو واسطو وسيلن سان ناهي، ارشد نديم پنهنجي محنت ۽ شوق  سان ميڊل کٽي سڄي قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو.احسن اقبال چيو ته بجلي جي بلن جو بحران اسان کي ورثي ۾ مليو آهي، حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، قوم کي بجلي جي بلن جي بحران مان نجات ڏياري ويندي. وفاقي وزير چيو ته چند جنرلن ۽ ججن پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي چوڻ تي ملڪ مٿان هڪ اناڙي شخص کي مسلط ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.