اسلام آباد (م ڊ) نائب وزير اعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ گورنر سنڌ بابت فيصلو ٿي ويندو، پيپلزپارٽي سان ان معاملي تي مشاورت جاري آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بشير ميمڻ کي گورنر سنڌ بڻائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي. هن چيو ته گورنر سنڌ کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي تبديلي وارين خبرن ۾ صدارت نه آهي. ان کان اڳ ذريعن چيو هو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي واري معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي.