پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جڏهن خبر ئي ناهي ته حڪومت ڪنهن جي آهي ته عوام کي ڇا ملندو؟ فرنٽ تي ٻيا ماڻهو آهن، ڏوري ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي، جڏهن ته انهن جي پويان ڪي ٻيا ماڻهو آهن، ملڪ اهڙي طرح نه هلندا آهن، ملڪ کي سياستدان هلائيندا آهن. پشاور ۾ واپاري ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته جمعيت زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿي، جمعيت ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ آواز اٿاريندي آهي. هن چيو ته ملڪ انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، سڀني کي متحد ڪرڻ تمام ضروري آهي، امن ۽ بهتر معيشت اسان جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جان، مال ۽ عزت جو حق قانون سازي جي چوڌاري گهمي ٿو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ جڏهن قانون سازي ٿيندي آهي ته اها ٽن شين جي چوڌاري گهمندي آهي، ڪنهن جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪيئن ڪجي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنهن جو حق کسي ٿو پوءِ ان جو حق ڪيئن ادا ڪجي، ان تي سموري قانون سازي ٿيندي آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسان جي ملڪ کي ڏسو، ڇا هتي امن آهي، معيشت بهتر آهي، ڇا اسان ان لاءِ بيٺا آهيون، جنهن لاءِ ملڪ ٺاهيو ويو، جيڪو رب سان بغاوت ڪندو آهي، الله ان کي بک مرڻ جي سزا ڏيندو، پر پاڻ ڏسو ته اڄ ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت دنيا ۽ خطي جو ڪو ملڪ معاشي طور تي ٻڏي رهيو آهي ته اهو صرف پاڪستان آهي، هن چيو ته اسان جي نظام ۾ خامي آهي، اسان جي پارليامنٽ ۾ عوامي نمائندن جي نالي تي ماڻهو ويٺا آهن پر اهي عوام جا حقيقي نه پر ڪوڙا نمائندا آهن ۽ جنهن پارليامينٽ ۾ عوام جا حقيقي نمائندا نه هوندا، اهو ڪڏهن به ماڻهن جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته مان پارليامنٽ ۾ به ٽئڪس جي ڳالهه ڪئي هئي ته اها اسان کي ورثي ۾ ملي آهي، ڇا پاڪستان ۾ 77 سالن ۾ اسان جا طريقا تبديل ٿيا، اسان ٽئڪس ڇو ڏيون؟ عوام ڄاڻي ٿو ته اسان جي ٽئڪس پرڏيهي قرضن جي ادائگي ۾ ويندي، اها آءِ ايم ايف وٽ ويندي، اها اسان جي ڀلائي تي خرچ نه ٿيندي، پهريان قوم کي اعتماد ته ڏيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته جڏهن خبر ئي ناهي ته حڪومت ڪنهن جي آهي ته عوام کي ڇا ملندو؟ فرنٽ تي ڪو ٻيو آهي ۽ ڏور ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي، هي رڳو گاريون کائڻ لاءِ رهجي ويا آهن، اهو نظام ئي غلط آهي. هن چيو ته اسان هميشه انهن ماڻهن تي اعتماد ڪيو آهي جيڪي خوبصورت نعرا ڏين ٿا پر انهن لاءِ ڪارڪردگي ڪڪجهه به نه هوندي آهي ملڪي معيشت پٽ تي پيل آهي مان اها ڳالهه ميان نواز شريف کي به ٻڌائي هئي، معيشت ايتري ويهجي وئي آهي جو ان کي ٻئاٿارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي ناهي، پر چيو ته مون ان کي چئلينج سمجهي قبول ڪيو آهي پر هاڻي چئلينج جو اهو حال آهي. هنن چيو ته رڳو ساهه کڻڻ تي ٽئڪس نه لڳائي وئي، ان کان علاوه موت تي به ٽئڪس نه لڳائي وئي آهي باقي هر شيءِ تي ٽئڪس لڳل آهي، ملڪ اهڙي طرح نه هلايو ويندو آهي، ملڪ کي سياستدان هلائيندا آهن ،جن کي عوامي مسئلن جي سمجهه هوندي آهي، اهي ملڪ جي ضرورت کي به سمجهندا آهن ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ رستو ڳوليندا آهن. اسان جو خزانو انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي نه ڄاڻندا آهن ۽ نه ئي اهي ماڻهن کي جوابده هوندا آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته ڪڏهن معين قريشي اچي ٿو ۽ ڪڏهن اهڙو وزيراعظم اچي ٿو جو خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪيڏانهن آيو ۽ ڪيڏانهن ويو. پوءِ اسان جي ملڪ ۾ هڪ ناڻي وارو وزير آيو، جيڪو بعد ۾ وزيراعظم ٿي ويو. پر اسان کي اڃا تائين خبر ناهي ته هو ڪٿان آيو هو ۽ ڪيڏانهن ويو؟ جيڪڏهن هو عوام آڏو جوابده ئي نه آهي ته هو عوام جا مسئلا ڇو حل ڪندو، اهو ته انهن لاءِ ڪم ڪندو، جيڪي کيس وٺي آيا هئا. هن چيو ته اسان جي سياستدانن اڳ ۾ ئي پنهنجي لاءِ ٻاهر بندوبست ڪري وٺندا آهن ته جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيو ته هو اتي ويندا، پنهنجي قوم ۽ عوام ۾ رهندا ڪيو، اسان کي عوام جي مسئلن کي به ڏسڻو پوندو آهي. هن چيو ته هارين تي به ٽئڪس لڳائي وئي، انهن کان سهولتون کسيون ويون، انهن مٿان ٻار به وڌايو ويو آهي. ڪڻڪ جا ذخيرا موجود هئا، نئون فصل به اچڻ وارو هو، پر اهڙي صورتحال ۾ ٻاهران غير معياري ڪڻڪ ڇو گهرائي وئي؟ هتي هارين وٽ ذخيرا پيا آهن پر ڪير وٺڻ وارو ناهي.