سکر ۾ چوپايو مال ڪاهڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڀائرن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر جتوئي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ چوپائي مال تان جهيڙو ، ٽن ڀائرن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، سکر باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ سعيدو  جتوئي ۽ ميهرو جتوئي جي ٻن ڌُرين ۾ چوپائي مال ڪاهڻ تان جهيڙو  ٿي پيو، جهيڙي دوران جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب ميهرو عطراڻي ، سندس ٻه ڀائر ڇَتل جتوئي ، راجا جتوئي ڀاڻيجو واجد جتوئي ۽ معشوق جتوئي مارجي ويا ، جڏهن ته فائرنگ ۾ سعيدو جتوئي ڌُر جو بابو عطراڻي جتوئي ۽ گلبهار جتوئي مارجي ويا، واقعي جي اطلاع تي  ايس ايس پي سکر امجد شيخ وڏي نفري سان علائقي واري هنڌ پهتو پر تنهن باوجود پوليس جهيڙو روڪڻ ۾ناڪام رهي، جڏهن ته ڌرين ۾ فائرنگ هلڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڌرين ۾ فائرنگ بند ٿي سگهي هئي. پوليس موجب ڌرين ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ هو ۽ هاڻ چوپائي مال جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، پوليس موجب مارجي ويل 7 ئي ڄڻا پوليس کي سنگين ڏوهن ۾ گهربل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.