عالمي سازشن جي ور چڙهي ويل بنگلاديش

تحرير: ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو

شيخ حسينه گذريل 15 سالن کان مٿي عرصي تائين بنگلاديش ۾ پنهنجي حڪومت قائم رکندي آئي، چائنا، ڀارت سميت سڄي دنيا سان سندس لاڳاپا انتهائي بهتر هئا، سندس انهن ئي متوازن لاڳاپن ڪري چين، ڀارت ۽ ٻيا ملڪ ڏينهون ڏينهن بنگلاديش سان ڪاروبار وڌائي رهيا هئا، بنگلاديش آزادي کان پوءِ ٿورڙي عرصي ۾ ئي ايتريون ترقيون ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن جو اندازو انهي ڳالهه منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته 1971ع ۾ پاڪستان منجهان الڳ ملڪ بڻجندڙ بنگلاديش معاشي طور ڏکڻ ايشيا جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ ۽ سندس جي ڊي پي ڀارت کان به وڌيڪ تيزي سان اڳيان ٻڌائي پئي وڃي، سندس ٽڪو پاڪستاني روپي جي مقابلي ۾ اڍائي سيڪڙو وڌيڪ آهي.

شيخ حسينه کي هميشه ڀارت جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي، چين ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ تڪرار باوجود چين سان ڪاروبار وڌائيندي رهي گڏوگڏ ڀارت جا دورا به ڪندي رهي. انهي سٺن تعلقاتن ڪري بنگلاديش 2016 ۾China’s Belt and Road Initiative  ۾ آفيشلي شامل ٿي ويو، جيڪا ڳالهه آمريڪا کي صفا ناگوار گذري ۽ بنگلاديش جي حڪومت تي صفا تپي باھ ٿي پيو، آمريڪا جي اها خواهش هئي ته هو بنگلاديش کي چين خلاف استعمال ڪري پر شيخ حسينه کي خبر هئي ته ٻين جي جنگ ۾ پوڻ مطلب ته مفت ۾ تباهي جي ور چڙهڻ آهي، انهي ڪري هن وقت به وقت انڪار ئي ڪيو، ڇو ته هن جو مقصد بنگلاديش کي ترقي ڏيارڻ هو. جنهن بعد آمريڪا جون اکيون بنگلاديش خلاف تکيون ٿي پيون.

بنگلاديش ۾ هن وقت ٽي وڏيون پارٽيون موجود آهن، شيخ حسينه جي عوامي ليگ، خالده ضياءَ جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ۽ جماعت اسلامي. سپريم ڪورٽ جماعت اسلامي کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي پاپندي مڙهي ڇڏي هئي، جنهن بعد شيخ حسينه جي حڪومت جماعت اسلامي تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏي آهي. جماعت اسلامي جيڪا صفا بنياد پرست تنظيم آهي، 1971 جڏهن بنگلاديش پاڪستان کان الڳ پئي ٿيو، انهي وقت جماعت اسلامي سخت اعتراض رکيا هئا، نه صرف اعتراض پر بنگلاديش جي آزادي جي سخت مخالفت پڻ ڪئي هئي، خير بنگلاديش ته ٺهي ويو، انهي ڪري ان ڏينهن کان وٺي جماعت اسلامي شيخ مجيب کان سخت نفرت ڪرڻ لڳي انهي جو اندازو شاگردن جي موجوده احتجاجن ۾ شيخ مجيب جي مجسمن سان ڪيل نفرت مان لڳائي سگهجي ٿو، جهڙي ريت احتجاج ۾ شامل ماڻهن سڄي ملڪ مان شيخ مجيب جي مجسمن جي تذليل ڪري بلڊوز ڪيا آهن. ائين ئي بي اين پي کي جماعت اسلامي چوڻ غلط نه هوندو ڇو ته انهي کي سڄي پٺڀرائي جماعت اسلامي جي حاصل آهي، جڏهن ته عوامي ليگ سينٽرسٽ پارٽي آهي، جيڪا گهڻو ڪري ملڪ کي سيڪيولر نموني هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جنهن کي شيخ حسينه ليڊ ڪندي پئي اچي.

آمريڪا جا بنگلاديش ۾ ڪهڙا مفاد آهن؟

21 جون 2023ع تي شيخ حسينه کلي عام چيو ته آمريڪا فوجي اڏو قائم ڪرڻ لاءِ اسان جي ملڪ جو سيٽ مارٽينس نالي آئلينڊ چاهي ٿو، پر آئون ڪڏهن به اهو آمريڪا جي حوالي ڪونه ڪندس، هن اهو پڻ چيو ته اسان جي مخالف پارٽي بي اين پي اهو آئيلينڊ آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ويٺي آهي، هي جڏهن به اقتدار ۾ ايندا، تڏهن آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيندا، آمريڪا جو شيخ حسينه جي انهي بيان تي فوري ردعمل آيو ته اسان جو اهڙو ڪو به ارادو ناهي ۽ نه ئي اسان آئيلينڊ جي گهر ڪئي آهي، پر اتان کان شيخ حسينه جي حڪومت جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي وڃن ٿا.

اڄ جڏهن سڄي احتجاج جي پويان لڪيل آمريڪا ۽ فوج جا هٿ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن ته اتي اها ڳالهه غور ڪرڻ جهڙي آهي ته ڇا بنگلاديش جي فوج جي هي پهرين ڪاروائي آهي؟ ته جواب آهي ته بلڪل به نه. بنگلاديش جو باني شيخ مجيب جنهن کي سندس ئي آرمي آزادي کان ٽي سال بعد گهر اندر گهڙي گهر ڀاتين سميت بي دردي سان قتل ڪيو، جنهن ۾ شيخ مجيب جي گهر واري، سندس پٽ، سندس پٽن جون گهرواريون ايتري قدر جو سندس 10 سالن جي پٽ کي به ڪونه ڇڏيو ويو، انهي کي به قتل ڪيو ويو. شيخ حسينه ۽ سندس ٻي ڀيڻ انهي ڪري بچي ويون ته هو ان وقت جرمني ۾ موجود هيون. شيخ مجيب جي قتل بعد 1996ع  تائين بنگلاديش ۾ فوج ۽ سندس پسند جي بي اين پي حڪومت ڪندي رهي، 1996 بعد پهريون ڀيرو شيخ حسينه جي پارٽي عوامي ليگ حڪومت ۾ آئي ۽ اها آگسٽ 2024 تائين قائم رهي.

سيپٽمبر 2023 تي آمريڪا کي اچانڪ ياد اچي ٿو ته بنگلاديش ۾ اليڪشنون صحيح نٿيون ٿين، اتي جا وڏا ليڊر ڌانڌلي ڪري حڪومت ۾ اچن ٿا، تنهن ڪري اسان انهن مٿان پابندي ٿا هڻو، گهڻي قدر اڳواڻن جو تعلق عوامي ليگ سان هو، جنهن وقت اڳواڻن تي پابندي لڳائي پئي وئي انهي وقت شيخ حسينه يو اين او جي دوري تي هئي عين ان وقت سندس پارٽي جي اڳواڻن تي پابندي مطلب ته آمريڪا شيخ حسينه کي سڄي دنيا آڏو ذليل ۽ رسوا ڪرڻ پئي چاهيو، آمريڪا جو چوڻ هو ته اسان جي پابندي صرف انهي لاءِ آهي ته جئين بنگلاديش ۾ صاف شفاف اليڪشن ٿي سگهن. پاڪستان ۾ آزادي کان وٺي اڄ تائين ڪيتريون ئي اليڪشنون ٿيون آهن،

انهي تي آمريڪا کي ڪڏهن تڪليف ڪونه پهتي، ايتريون مارشل لائون لڳيون انهن تي ڪڏهن تڪليف ڪونه پهتي، آمرن تي پابندي هڻڻ بدران انهن جو محفوظ پناه گاه آمريڪا ئي آهن، سعودي عرب ۾ بادشاهي نظام آهي، انهن سان هن جا رويا دوستاڻا آهن، آمريڪا کي تڪليف صرف اتي ٿيندي جتي سندس مقصد پورا ڪونه ٿيندا، اها حڪومت آمريڪا کي اکين ۾ ڪنڊو هوندي جيڪا پيرن ۾ ڇير ٻڌي هنن جي اشاري تي نه نچندي.

جنوري 2024ع ۾ بنگلاديش ۾ اليڪشنون ٿيڻون هيون، آمريڪا پنهنجا آفيشلز ڊونل لو جي اڳواڻي ۾ بنگلاديش موڪليا، جن حڪومت سان ملاقاتون ڪرڻ بدران بي اين پي ۽ پابندي مڙهيل جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان اليڪشن کان پهرين ٽي ڀيرا ملاقاتون ڪيون، اليڪشن جو وقت ويجهو اچڻ شرط بي اين پي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ٿي ڇڏي، جماعت اسلامي سپريم ڪورٽ جي پابندي سبب پهرين ئي اليڪشن کان ٻاهر هئي تنهن ڪري اليڪشن هڪ طرفي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ حسينه هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم بڻجي وئي. اليڪشن جي وقت دوران ڊونل لو 3 ڀيرا بنگلاديش جو دورو ڪري چڪو هو، ڊونل لو آمريڪي حڪومت جو خاص رڪن ۽ حڪومت طرفان ايشيا جي ملڪن جي معاملن جو سفير مقرر آهي، جنهن بابت پي ٽي آئي الزام هنيو هو ته هي پاڪستان جي اليڪشن ۾ مداخلت ٿو ڪري. ڊونل لو جو بنگلاديش جو آخري دورو 15 مئي 2024ع تي ٿيو مطلب شاگردن جي احتجاج کان صرف 15 ڏينهن پهرين، هن جي آخري دوري بعد شيخ حسينه جو بيان جاري ٿيو جنهن ۾ هن چيو ته هڪ وائيٽ ڪرسچن ملڪ بنگلاديش اندر 2 ڳالهيون چاهي ٿو هڪ فوجي اڏو قائم ڪرڻ لاءِ سيٽ مارٽينس آئلينڊ ۽ ٻيو بنگلاديش، ڀارت ۽ ميانمار جو ڪجهه حصو ڪٽي انهي ۾ نئون ملڪ ٺاهڻ چاهي ٿو، جيڪو آئون ڪڏهن ٿيڻ ڪونه ڏيندس، هن اهو پڻ چيو ته وائيٽ ڪرسچن ملڪ منهنجي حڪومت ڪيرائي بي اين پي ۽ جماعت اسلامي جي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿو، جن وسيلي هي پنهنجو مقصد پورو ڪرائيندا.

5 جون 2024ع تي بنگلاديش جي هائي ڪورٽ آرڊر جاري ڪري ٿي ته آزادي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ جي ٻارن لاءِ 30 سيڪڙو ڪوٽا رکي وڃي، اهڙو فيصلو اچڻ شرط احتجاج شروع  ٿي ٿا وڃن، شيخ حسينه جي حڪومت خود سپريم ڪورٽ وڃي هائي ڪورٽ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي ٿي، انهي وچ ۾ شاگردن جو احتجاج انتهائي شدت اختيار ڪري وڃي ٿو، پرامن احتجاج پرتشدد ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، حڪومت کي ملڪ ۾ فوج کي آڻڻو پيو پر فوج جا ته مقصد ٻيا هئا، انهي ڪري انهن ڪنهن کي به نه روڪيو، احتجاج ڪندڙ بنا روڪ ٽوڪ جي پنهنجي  مرضي سان تباهي ڪندا رهيا، فوج احتجاج ڪندڙن کي روڪڻ جي ڪا به تڪليف نه ڪئي، هينئر فوج خود شيخ مجيب جا مجسما ٽوڙي رهي آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته فوج اهو ئي چاهيو پئي ته احتجاج پرتشدد ئي رهن، پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي پوليس وارا فوت ٿي ويا.

21 جون 2024ع تي سپريم ڪورٽ حڪومت پاران داخل ڪرايل پٽيشن تي فيصلو ٻڌائيندي هائي ڪورٽ جي فيصلي کي تبديل ڪري 93 سيڪڙو نوڪريون ميرٽ ۾ ڏيڻ ۽ 7 سيڪڙو نوڪريون آزادي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جي ٻارن کي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، مطلب شاگردن جو مطالبو منظور ٿي وڃي ٿو، شاگرد مطالبو منظور ٿيڻ ڪري پنهنجو احتجاج ختم ڪري واپسي هليا ويا. اتي سڄي ڳالهه ۾ نئون موڙ اچي ٿو آمريڪا طرفان بنگلاديش ۾ مقرر ايمبيسيڊر پيٽر هاس جنهن کي بي اين پي ۽ جماعت اسلامي جا اڳواڻ ڀگوان چوندا آهن، ته تون اسان جو مسيحا آهين، تون اسان کي بچائي سگھين ٿو. سو اچانڪ بنگلاديش ڇڏي واپسي آمريڪا هليو ٿو وڃي ۽ انهي جي وڃڻ جي 2 ڏينهن بعد شاگردن جا احتجاج وري شروع ٿي ٿا وڃن، جڏهن ته احتجاج جو مقصد پورو ٿي چڪو هو، ڪوٽا سسٽم پاليسي کي تبديل ڪيو ويو هو، پر احتجاج ڪندڙ شاگرد 9 ٻيا مطالبا کڻي سامهون آيا احتجاج وڌندو ويو ۽ 9 مطالبا هڪ مطالبي ۾ تبديل ٿي ويا ويا، هڪ مطالبو هو ته شيخ حسينه جي حڪومت نه گهرجي، هتي سموري راند کلي سامهون آئي ته هاڻي اصل مسئلو حڪومت ڪيرائڻ جو آهي، 4 آگسٽ 2024ع تي شاگردن جو احتجاج ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري ويو، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ شاگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. 5 آگسٽ 2024ع تي احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته اسين هاڻي شيخ حسينه جي گهر طرف مارچ ڪنداسين، شيخ حسينه جو اهو ئي گهر جتي 1975ع ۾ سندس والد شيخ مجيب سميت سڀني گهرڀاتين کي قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن مارچ ڪندڙ شاگرد هن جي گهر طرف اچن ته لازم آهي ته هن کي به قتل ئي ڪن ها، بنگلاديش جي فوج جو سربراهه انهي وقت اتي موجود هو، جنهن شيخ حسينه کي چيو ته اوهان لاءِ بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي هليا وڃو جنهن بعد آرمي چيف شيخ حسينه کي استعيفا ڏيڻ لاءِ 45 منٽن جو ٽائيم ڏنو، شيخ حسينه جنهن آخري ڀيرو قوم سان خطاب ڪرڻ پئي چاهيو پر ايستائين سمورا معاملا هن جي هٿن مان نڪري چڪا هئا ۽ هي پنهنجي جان بچائي بنگلاديش ڇڏي انڊيا جي هندون ائير بيس تي لهي اتان دهلي اچي وڃي ٿي، ٻڌايو پئي ويو ته شيخ حسينه اتان کان يو ڪي جي شهريت وٺندي ڇو ته سندس ڀيڻ اتي جي شهري آهي، پر يو ڪي هن کي شهريت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪا پاران شيخ حسينه جي ويزا تي پابندي مڙهي ڇڏي، مطلب شيخ حسينه هاڻي آمريڪا ۾ داخل به نٿي ٿي سگهي شيخ مجيب کي قتل ڪندڙ فوجي اڄ ڏينهن تائين ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ رهن ٿا، سندن ويزائن تي پابندي ناهي پر هڪ عورت پنهنجي جان بچائي نڪتي انهي جي ويزا تي پابندي هڻڻ ۾ آمريڪا سڀ کان پهرين اڳيان اچي ويو.

شيخ حسينه جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ محمد يونس جي سربراھي ۾ عبوري حڪومت قائم ڪئي وئي آهي، محمد يونس آمريڪا جو انتهائي ويجھو، پسنديده ماڻهو هجڻ سان گڏ شيخ مجيب جو ڪٽر مخالف آهي، جيڪو ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي ويندو سو ته ايندڙ وقت ۾ خبر پوندي، ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان اڳيان وڌندڙ ملڪ جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته هن جي جي ڊي پي انڊيا کان به وڌيڪ تيزي سان وڌي رهي آهي، تنهن کي عالمي طاقتن هڪ ميهني اندر تباھ ڪري ڪيترائي سال پويان ڌڪي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.