اسلام آباد/لاهور(فخر دراني+معظم فخر)مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي سپريم ڪورٽ حڪومت کي واضح پيغام موڪلي ڇڏيو،عدليه ۾ گرمين جون موڪلون سيپٽمبر ۾ ختم ٿيڻ کانپوءِ حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ ۾ واضح جهيڙو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ان جو واضح اشارو ايندڙ چيف جسٽس جسٽس منصور علي شاهه ڏئي ڇڏيو آهي،پي ٽي آءِ جا ميمبر اهو چئي رهيا آهن ته حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تي توهين عدالت لڳي سگهي ٿي، هن وقت اصل جهيڙو اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جو آهي،فرنٽ تي حڪومت آهي، ان سان حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا، توهين عدالت کان بچڻ لاءِ حڪومت پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري صحيح پتو کيڏيو آهي،حڪومت وٽ ٻن ججن جي اختلافي نوٽ جو جواز به آهي جنهن ۾ انهن ان فيصلي مٿان 16 سوال اٿاريا آهن،سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ حڪومت ۽ عدليه وچ ۾ وڏو ميچ شروع ٿيڻ وارو آهي،عدالت وزيراعظم کي طلب ڪري ٿي يا چيف اليڪشن ڪمشنر کي برطرف ڪندي؟ اهي معاملا به واضح ٿي ويندا،عمران خان کي جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اطهر من الله مان وڏيون اميدون لڳائي ويٺو آهي،پارليامينٽ به پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي،اليڪشن ڪميشن خط جي روشني ۾ مخصوص سيٽون پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين ۾ ٻيهر ورهائي ڇڏيندي، پي ٽي آءِ کي 39 ميمبرن جي حساب سان مخصوص سيٽون ڏنيون وينديون،حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ته حڪومت آئيني پئڪيج منظور ڪرائي ڇڏيندي،اهو مرحلو 27 آگسٽ تائين طئي ڪيو ويندو،نور عالم ۽ ڊاڪٽر نفيسا شاهه پاران پيش ڪيل بل منظور ڪري پارليامينٽ کي سپريم قرار ڏنو ويندو،حڪمران اتحاد ۾ ان سلسلي ۾ اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي
-
سرڪاري ملازمن جي مدي ۾ واڌ جو بل تيار،چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي ايڪسٽينشن ملندي؟
اسلام آباد(تجزيو: جاويد چوڌري) پاڪستان جي معيشت لڳاتار زوال پذير آهي،ايس آءِ ايف سي ڪو وڏو ڪمال نه ڪري سگهي،بجلي بلن تي عوام جون رڙيون نڪتل آهن،صورتحال حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، ايف بي آر ٽيڪس اوڳاڙين جي حوالي سان ڪا وڏي ڪاميابي نه ماڻي سگهي، آءِ ايم ايف سخت شرط مڙهي پاڪستان کي نپوڙي ڇڏيو، ميان شهبازشريف به پنهنجي ذاتي بجلي بل تي پريشان هوندو، هڪ وزير دانهن ڪئي آهي ته مون وٽ سڄو سسٽم سولر تي آهي ان جي باوجود 10 لک رپيا بجلي جو بل آيو آهي،شهباز شريف کي بيساکي تي حڪومت ڏنل آهي،ان ڳالهه کان ڪاموراشاهي به واقف آهي ان ڪري بيوروڪريسي شهبازشريف جي ڪنٽرول ۾ ناهي،شهبازشريف ٿورو دٻاءُ وجهي ٿو ته ڪامورو جواب ڏئي ٿو ته ڀلي منهنجي بدلي ڪري ڇڏيو يا پوءِ هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ٿو،تازو ايف بي آر چيئرمين زبير ٽوانه وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي،ايف بي آر ۾ سڌارا مٿي جو سور بڻيل آهن، نئين چيئرمين راشد لنگڙيال لاءِ وڏا چئلينجز پيش آهن،هن وقت ايف بي آر جي اوڳاڙين جا 2500 ارب رپيا مختلف هنڌن تي ڦاٿل آهن،عمران خان الڳ سان حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي،نه هو رياست کي لڏڻ پيو نه ڏئي نه حڪومت کي چُرڻ پيو ڏئي، روڊن تي نه نڪرڻ باوجود عوام هن سان گڏ آهي،ملڪ ۾ هن وقت غيرمعمولي صورتحال آهي، عوام جيڪڏهن ٻاهر نڪتو ته سسٽم کي نقصان پهچندو، ان سان عمران خان کي ڪو به فائدو نه ٿيندو،پي ٽي آءِ باني سموريون اميدون ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه مان لڳائي ڇڏيون آهن هو اهو وساري ويٺو آهي ته حڪومت وٽ هڪ آپشن اڃا به موجود آهي اهو اهو آهي ته حڪومت سمورن سرڪاري ملازمن جي ملازمت مدي ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي،ان سلسلي ۾ حڪومت سمورن سرڪاري ملازمن جي ملازمت مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ جو بل تيار ڪري رکيو آهي،ان ۾ چيف جسٽس،ججز،آرمي چيف،فور اسٽار جنرلن سميت سمورا ڪامورا مستفيد ٿيندا،حڪومت جيڪڏهن اهو پتو کيڏيو ته پوءِ عمران خان جو ٻن مهينن ۾ ملڪ ۾ ” ڪجهه وڏو“ ٿيڻ وارو بيان ”وڙجائيگا“باقي عمران خان کي جيڪڏهن خوش فهمي آهي ته جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس ٿي ويو ته سندس وارا نيارا ٿي ويندا ائين نه ٿيندو، جسٽس منصور علي شاهه قانون پسند جج آهي، هو چاهي ٿو ته عدالتون ڪم جاري رکن،هن کي پاڪستان ۾ جاري بحران جو اندازو آهي،