سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪرڻو ئي پوندو: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي ته ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، اهو نٿو ٿي سگهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿئي. اسلام آباد ۾ ”عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ۾ پيش ايندڙ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ“ جي عنوان سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مون کي وقتي چيف جسٽس چيو ويو، جيڪو درست ناهي، آئون سينيئر ترين جج آهيان، وقتي چيف جسٽس ناهيان.هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منهنجو دوست ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان آهي، آئون سينيئر ترين جج ئي ٺيڪ آهيان، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحتمند ۽ مضبوط آهي، الله کيس صحت ڏي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي مڪمل عمل ٿيندو آهي، ائين ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل نه ٿئي، جيڪڏهن ائين سوچيو ويو ته اهو آئين جي ڀڃڪڙي هوندو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد رواج نه پر لازمي تقاضا آهي ۽ سپريم ڪورٽ کي اهو اختيار ڪنهن ٻئي کان نه پر آئين مان حاصل آهي، آئين چوي ٿو ته اهو فيصلو آهي، ان تي عمل ٿيڻو آهي ۽ اهو ئي طريقو آهي.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪو نئون نظام آڻڻ چاهي ٿو ته اهو آڻيو، معاملا ايئن نه هلندا، سڄو ڍانچو تبديل ڪري ٻيو ڪجهه ٺاهيو، پر موجوده آئين ۽ ان جي ڍانچي موجب ائين ئي ٿيڻو آهي.هن چيو ته آئين موجب ان فيصلي جو احترام ڪرڻ به ضروري آهي ۽ اها اسان جي ذميواري آهي، ڪنهن وٽ چوائس نه آهي ته اهو جج ڪندو ته هي فيصلو صحيح آهي يا نه؟ اهو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ وٽ آهي هن جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان کي قبول ڪريو، ۽ اهو هن ملڪ جو نظام آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ان فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو ته ان جا نتيجا سامهون آهن ۽ مان اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان ته اسان ڏٺو آهي ته هڪ فيصلو ٿي ويو آهي پر وقت گذرڻ باوجود ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي پر ايئن نه ٿيندو.هن چيو ته اسين ان فيصلي کي به ڏسنداسين ۽ مان توهان کي يقين ڏيان ٿو ته جڏهن مون وٽ اختيار آهي ته ان فيصلي تي عمل به ڪرائينداسين.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پاڪستان ۾ 96.3 سيڪڙو مسلمان آهن، هندو 1.6 سيڪڙو، عيسائي 1.6 سيڪڙو، ٻيا مذهب هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهن، اقليتون تعداد جي لحاظ کان گهٽ آهن پر آئين ۾ مسلمانن سان برابري جا حق آهن. هن چيو ته اقليتن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، پاڪستان بابت جيڪي عالمي رپورٽون اچي رهيون آهن اهي درست ناهن، عدليه ۾ اقليتن جا وڏا نالا اچي ويا آهن، جن ۾ راڻا ڀڳوان داس، رستم سهراب جي سدوا ۽ ٻيا وڏا جج رهيا آهن، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج چيو ته هو اقليتن جي حقن لاءِ قرآن پاڪ کان رهنمائي وٺندو آهيان، قرآن پاڪ چوي ٿو ته مذهب ۾ ڪنهن به قسم جي جبر نه آهي رسول پاڪ ﷺ مديني ۾ اقليتن جي حقن کي يقيني بڻايو هو.هن چيو ته اقليتن سان مناسب رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو اسان مسلمانن کي ڪرڻو آهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته قرآن ۽ سنت جا ڪهڙا حڪم آهن ۽ اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون، آئين سڀني مذهبن کي عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، آئين ۾ واضح آهي ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جنهن جو بنياد سماجي انصاف ۽ شرعي اصولن تي آهي.هن چيو ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته مذهبي آزادي سڀني کي حاصل آهي، حضور ﷺ جن عيسائين جي چرچ جي زمين تي قبضي ڪرڻ کان روڪيو ۽ انهن کي حق ڏنا، اسلام اسان کي اقليتن جي حقن جو درس ڏئي ٿو.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اسلام کانپوءِ پاڪستان جو آئين به اقليتن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، اسان جي باني قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن تي زور ڏنو، بابا گرو نانڪ سميت هر مذهب جي اڳواڻن احترام ۽ رواداري جي ڳالهه ڪئي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته مذهبي افراتفري ۽ ڪاوڙ ڇو ڪئي وڃي ٿي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ مبارڪ علي ڪيس ۾ اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا جي تحفظ کي يقيني بڻايو هو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن شهرين جا حق برابر آهن.هن وڌيڪ چيو ته بين المذهبي هم آهنگي تي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي، سڀ مذهب ٻين مذهبن کي جڳهه ڏين ٿا ته پوءِ انهن کي مڃڻ وارا ڇو نٿا ڏين؟.ٻي پاسي تقريب دوران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي جسٽس منصور علي شاهه مخصوص سيٽن بابت تفصيلي فيصلو گرمين جي موڪلن بعد ٻڌائڻ جو اشارو ڏنو، ان دوران صحافي سوال ڪيو ته توهان جي چيف جسٽس بڻجڻ جي ته تڪڙ ناهي؟هڪ پارٽي توهان جي چيف جسٽس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي، جنهن جي جواب ۾ جسٽس منصور چيو ته ان سان منهنجو ڪو واسطو ناهي، نوٽيفڪيشن جڏهن جاري ٿيڻو هوندو پاڻهي ٿي ويندو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مخصوص سيٽن جي ڪيس جو فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جج موڪل تي آهن، جيئن موڪل ختم ٿي ته اڪثريتي فيصلي تي ججن سان ڊسڪس ڪيو ويندو، صحافي سوال ڪيو ته ڇا قانون ۾ ترميم سان عدالتي فيصلو تبديل ٿي سگهي ٿو؟ جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ان تي آئون ڪا ڳالهه نه ڪندس.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.