لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي سياسي حقيقت کي سمجهڻ کانسواءِ ملڪ ۾ سياسي استحڪام نٿو اچي سگهي.ڪوٽ لکپت جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته 40 سالن کان سياست ۾ آهيان پر 39 سالن کان ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو، هڪ سال ۾ مون تي درجنين ڪيس داخل ڪيا ويا.هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڪنهن کي خراب لڳي يا سٺو، پر پي ٽي آءِ باني سياسي حقيقت آهي، سندس سياسي حقيقت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ سياسي استحڪام نٿو اچي سگهي.شاهه محمود قريشي چيو ته نواب اڪبر بگٽي سان جيڪو ٿيو اهو ظلم آهي، اڪبر بگٽي پاڪستان مخالف نه هو، هڪ ٻئي کي غدار چوڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، 75 سالن کان غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا پيا وڃن.هن چيو ته محمود خان اچڪزئي جمهوريت پسند آهي، جمهوري ۽ آئين جو سوچيندڙ غدار نٿو ٿي سگهي، بلوچستان ۾ امن جو رستو ڳالهين ذريعي ئي نڪرندو آهي.