مردان(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته شهباز شريف ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.مردان ۾ هاري ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سندس چوڻ هو ته معيشت ايتري زوال پذير ٿي وئي آهي جو ڪا به حڪومت ان کي نه بهتر نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي ته معيشت به خراب ٿيندي.مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته شهباز شريف ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، شهباز شريف ملڪ جي معيشت کي ٺيڪ نه ڪري سگهيو آهي، شهباز شريف چيو هو ته ملڪ جي معيشت کي بلند ڪنداسين پر هو وڌائي نه سگهيو، شهباز شريف چين ويو، سيڙپڪارن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر چين رڳو هڪ ڳالهه چئي ته پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ناهي، امن امان جي صورتحال ٺيڪ ناهي، جڏهن امن امان جي صورتحال خراب هوندي ته سيڙپڪاري نه ٿيندي.هن چيو ته غير ضروري طور ٻاهران ڪڻڪ ڇو گهرائي وئي؟ ايتري ته ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي جو هارين جي ڪڻڪ سندن گهرن ۾ پيل آهي.