امان ڀڄڻ کان اڳ استعيفيٰ نه ڏني: حسينه واجد جو پٽ

نيويارڪ(م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پٽ سجيب واجد دعويٰ ڪئي آهي ته سندس والده ڀارت فرار ٿيڻ کان اڳ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ نه ڏني هئي.شيخ حسينه واجد جي پٽ چيو ته آئين موجب سندس ماءُ اڄ به بنگلاديش جي وزيراعظم آهي، پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ سجيب واجد دعويٰ ڪئي ته شيخ حسينه واجد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ پنهنجو بيان ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو پر احتجاج ڪندڙن وزيراعظم هائوس ڏانهن مارچ شروع ڪيو جنهنڪري وٽس وقت نه بچيو هو، امان سامان به نه ٻڌو هو.سجيب واجد اهو به چيو ته جيتوڻيڪ صدر فوجي سربراهن ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن سان صلاح مشوري کانپوءِ پارليامينٽ ٽوڙي آهي پر وزيراعظم جي باضابطه استعيفيٰ کانسواءِ نگران حڪومت جي قيام کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو.شيخ حسينا جي پٽ اهو به چيو ته سندس پارٽي عوامي ليگ ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندي، جيڪي ٽن مهينن اندر ٿيڻ گهرجن، مون کي يقين آهي ته عوامي ليگ اقتدار ۾ ايندي، جيڪڏهن حڪومت ۾ نه ته مخالف ڌر ۾ هوندي ٻنهي صورتن ۾ اسان کي قبول آهي.سجيب واجد بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه خالده ضياءَ جي انتقام نه وٺڻ واري بيان جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته کيس اهو بيان ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي ته ماضي گذري ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.