درخواست گذار جي حالتن تي ٺٺول ڪرڻ تان جي آءِ ٽي وضاحت لاءِ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ناظم آباد جي شهري جي بازيابي  جي حوالي سان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. 2002 ۾ گم ٿيل مصعب جي گهرڀاتين جاچ آفيسرن جي رويي خلاف شڪايت ڪئي. درخواست گذار چيو ته جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي آفيسر طنز ڪندا آهن، اسان جي حالت تي مذاق ڪندا آهن. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اهو وڏو ظلم آهي، اسان حساب وٺنداسين. عدالت جي آءِ ٽي کي وضاحت لاءِ طلب ڪري ورتو. عدالت چيو ته هي اوهان جي موجودگي ۾ وضاحت ڏين، عدالت اوهان سان گڏ آهي. درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 26 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.

  • ڪراچي ۾ ڪروڙ کان مٿي رقم ڦر ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي ميٽروول ۾ هڪ ڪروڙ 35 لک رپين جي ڦر ۽ ٻن شهرين کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. سائيٽ ايريا ۾ ميٽروول ۾ ڦر دوران ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو. ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا، ايس ايس پي ڪياماڙي ريٽائرڊ ڪيپٽن فيضان علي ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب گذريل رات اتحاد ٽائون ۾ پوليس مقابلي ۾ جوابدار عبدائوف مارجي ويو جيڪو افغانستان جو رهواسي نڪتو آهي، سندس اسٿي فرار ٿي ويو. جوابدار جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني جن مان هڪ فرار ٿي ويو. مارجي ويل جوابدار ساٿي سان گڏ 8 اپريل تي واردات ڪئي هئي. ڊي آءِ جي سائوٿ انڪشاف ڪيو ته جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان مان ڪراچي آيو هو ۽ وارداتون ڪري رهيو هو. واقعن جا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جوابدارن جي ڳولا ۽ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.